نئين وزيراعظم لاءِ وڏو چئلينج، 45 ايم اين ايز جو گروپ هجڻ جو انڪشاف

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اليڪشن جي موسم ويجهي ايندي پئي وڃي ۽ سياسي پارٽين جا مختلف هنڌن تي جلسا به ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

پي ٽي آءِ کانپوءِ جهانگير ترين پارٽي ٺاهي ڇڏي آهي ۽ هاڻي ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي مضبوط پارٽيون آهن.

پر نئين وزيراعظم کي هڪ گروپ کي منهن ڏيڻو پوندو جيڪڏهن اهو گروپ راضي ٿيو ته وزيراعظم جي حمايت ڪندو.

صحافي حامد مير جي پروگرام ۾ فيصل واوڊا اهڙو انڪشاف ڪيو آهي ته محب وطن پاڪستانين جي 45 ايم اين ايز جو هڪ آزاد گروپ هوندو.

هن چيو ته آزاد ماڻهو جيڪڏهن چاهيندا ته وزيراعظم جي حمايت ڪندا ۽ تڏهن ئي ڪو وزيراعظم ٿي سگهندو.

چونڊون هن ئي سال ٿينديون پر چونڊن ۾ 45 کن ماڻهن جو گروپ سامهون ايندو جيڪو آزاد اميدوار طور چونڊون وڙهندو ۽ اهو ئي گروپ وزيراعظم کي ٺاهيندو ۽ انهيءَ جي چوڻ تي وزيراعظم کي به هلڻو پوندو.

جُون 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو