نئين اسڪيم شروع، پاڪستان کي 12 ڪروڙ برطانوي پائونڊن جي بچت ٿيندي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي پاڪستان سميت ترقي پذير ملڪن لاءِ نئين ٽريڊنگ اسڪيم تي عمل شروع ٿي ويو.
اسڪيم تحت پاڪستان کي ٽيرف جي مد ۾ 12 ڪروڙ برطانوي پائونڊن جي بچت ٿيندي، پاڪستان برطانيا کي 94 سيڪڙو شيون ڊيوٽي فري ايڪسپورٽ ڪري سگهندو.
برطانيا مان وڌيڪ 156 شين تي ٽيرف هٽائڻ ۽ سهولت ملڻ جو امڪان آهي.
برطانوي هاءِ ڪميشن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا ۾ واپار جو موجوده ڪاٿو 4.4 ارب پائونڊ آهي، نئين اسڪيم تحت پاڪستان سميت 64 ملڪن کي فائدو ٿيندو، پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ واپار ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.
برطانيا جي بين الاقوامي واپار بابت وزير ايٿوپيا جي دوري دوران اسڪيم جاري ڪئي آهي، پاڪستان سميت ٻين ملڪن کي برطانيا جي ٽريڊ سينٽر ذريعي عالمي واپاري نظام ۾ شموليت جو موقعو ملندو.
