ملير: ضلعي جي ٽنهي ٽائونن جي چيئرمينن ۽ وائيس چئيرمينن جي حلف برداري تقريب منعقد

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي ) ملير جي ضلعي جي ٽنهي ٽائونن جي چئيرمينن ۽ وائيس چئيرمينن جي حلف برداري تقريب ڊپٽي ڪمشنر آفيس ملير ۾ ٿي ، جنهن ۾ الڪيشن ڪميشن آفيسر روشن علي مستوئي ، ڊپٽي مئير ڪراچي سلمان عبدالله مراد ايم اين اي آغا رفيع الله ضلعي ملير جا اڳواڻ ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شريڪ ،

ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام ميرواڻي نئين چونڊيل چيئرمين ٽي ايم سي گڏاپ طارق عزيز بلوچ، ٽي ايم سي ابراهيم حيدري نذير ڀٽو، ٽي ايم سي ملير جان محمد بلوچ ۽ وائيس چيئرمين ڄام محمد جوکيو، رفيق دائود جت، مزمل شاهه کان حلف ورتو ،ان موقعي تي  پنهنجي گڏيل بيان ۾ سڀني چيو ته پارٽي اسان تي جيڪا ذميواري ڏني آهي،

 سا 100 سيڪڙو ادا ڪندي ۽ عوام جا سمورا ڏک سک ۾ حل ڪنداسين. قيادت جي اعتماد تي پورو لهنداسين  ۽ تمام جلد قيو آئي جو نئون سفر شروع ٿيندو هن  چيو ته پيپلزپارٽي سدائين عوام جي حقن جو تحفظ ڪندي سندن جي بهترين اپاء ورتا آھن پيپلزپارٽي مزدورن  پورهيتن جي پارٽي آهي

اڄ اسان جي کنيا قسم جي مڪمل طور پاسداري ڪنداسين عوامي مسئلن جي حل لاء ڪردار ادا ڪندي هر سهولت فراهم ڪرڻ لاء ڪردار ادا ڪنداسين جنهن جذبي تحت اسان اڄ چونڊجي آيا آھيون مقصدن کي پورو لهنداسين عوام جي ڏنل ووٽ جو ڀرم رکنداسين

جُون 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو