ملتان ۾ هڪ ئي گهر مان ٽن عورتن جا تشدد ٿيل لاش هٿ

Spread the love

ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ ممتاز آباد واري علائقي ۾ هڪ گهر مان ٽن عورتن جا لاش هٿ آيا، جن کي پوسٽ مارٽم لاءِ نشتر اسپتال منتقل ڪيو ويو.

عورتن جي سڃاڻپ شمشاد انور، نسرين اختر ۽ خمعيه اختر جي نالن سان ٿي آهي، واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري اتي پهچي وئي ۽ لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ نشتر اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پوليس اختيارين ٻڌايو ته واقعو ممتاز آباد ڊاڪ خاني واري گهٽي ۾ هڪ گهر ۾ پيش آيو، هيل تائين جي جاچ موجب مرندڙن ۾ گهر جي سرپرست عورت شمشاد انور، سندس ڀيڻ ۽ ڌيءَ شامل آهن.

مرندڙ شمشاد انور جي ڌيءَ عاصمه بي بي پوليس کي ٻڌايو ته گهر ۾ ماءُ شمشاد، سمعيه ۽ نسرين مسواڙ جي گهر ۾ رهنديون هيون، ٻن ڏينهن کان ماءُ سان رابطو ڪري رهي هيس پر نه ٿي رهيو هو.

هن ٻڌايو ته ڪوششن باوجود رابطو نه ٿيڻ تي مان ماءُ جي گهر آيس ته در بند هو ۽ ڪنهن نه کوليو، ان موقعي تي پاڙي وارا به اچي ويا ۽ در ٽپي ڏٺوسين ته ڪمري ۾ تشدد ٿيل لاش پيا هئا.

جُون 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو