سکر: واڪنگ ٽريڪ پارڪ جيئي ڀتو جي نعرن سان گونجي پيو
سکر )رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ ) واڪنگ ٽريڪ پارڪ جيء ڀٽو جي نعرن سان گونجي پيو ھر طرف جيءي ڀٽو جا نعرا پاڪستان جو جھنڊو لھرايو ويو ميءر سکر لاء بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ ڊپٽي ميءر ڊاڪٽر ارشد مغل حلف کنيون تفصيل موجب ـ بنا مقابلي چونڊجي آيل پاڪستان پيلپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي حلف برداري تقريب حلف برداري تقريب واڪنگ ٽريڪ تي منعقد ڪئي وئي
ڊپٽي ڪمشنر سکر شهزاد طاهر ٿھيم ميئر ۽ ڊپٽي ميئر کان حلف ورتو. حلف برداري تقريب ۾ چيئرمين, وائيس چيئرمين, ٽائون چيئرمين, ميمبر ضلعي ڪائونسل ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سماجي سياسي شھرين توڙي پ پ جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي سکر، ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر لاءِ ارسلان اسلام شيخ
۽ ڊپٽي ميئر جي عهدي لاءِ ڊاڪٽر ارشد مغل حلف کڻي ورتو حلف برداري تقريب ۾ مڪاني کاتي جي صوباءي وزير سيد ناصر حسين شاهه, ڪمشنر سکر ڊويزن سميت پوليس جي اعلي آفيسرن ۽ ٻين خصوصي شرڪت ڪئي سکر ميونسپل ڪارپوريشن ۾ ميئر ارسلان اسلام شيخ ۽ ڊپٽي ميئر ڊاڪٽر ارشد مغل چونڊجي ويا ان موقعي تي خوشي مان آتشبازي ب پڻ ڪئي وئي
جُون 20, 2023