سيٺارجا: ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين، وائيس چيئرمين حلف کڻي ورتو

Spread the love

سيٺارجا (رپورٽر)   ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا جي چئرمين انجينئر ڪامران عباس ڪٻر ۽ وائيس چئرمين حاجي محمد صادق لنڊ پنھجي عھدن جو حلف کڻي ورتو . شاندار ريلي جي صورت ۾ ٽائون آفيس پھتا . عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جو وچن . تفصيلي خبر موجب سيٺارجا ٽائون ڪاميٽي تي ڪامياب پ پ جي چئرمين شپ تي جوڙي ڪامران عباس ڪٻر ۽ حاجي محمد صادق لنڊ آر او آفيس ميرواه ۾ عھدن جو حلف کڻڻ بعد وڏي ريلي جي صورت ۾ ٽائون آفيس سيٺارجا آفيس پھتا جتي عوام جي وڏي انگ سندن استقبال ڪيو

 ان موقعي تي ڪائونسلرن حاجي غلام مصطفي لنڊ . غلام عباس نول . غلام اڪبر ويسر . پ پ اڳواڻ محمد بلاول خاصخيلي خطاب ڪندي چونڊيل جوڙي کي مبارڪون ڏنيون ۽ اميد ظاھر ڪئي ته ھو عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاء ڀرپور ڪردار ادا ڪندا .

ھنن چيو ته ھن ڪاميابي ۾ پارٽي ڪارڪنن سان وڏي جدوجھد ۽ڪردار تعلقه صدر حاجي غلام عباس ڪٻر جن جو آھي  . چئرمين ڪامران عباس چيو ته عوام ۽ ڪائونسل جنھن اعتماد جو اظھار ڪيو آھي ان تي پورو لھڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين ھن اعلان ڪيو ته سڀ کان اول شھر اندر نوجوانن جي پراڻي مطالبي کي سامھون رکندي پبلڪ لائبريري ٺاھي ويندي .

پبلڪ پارڪ ۾ گھربل سھولتون ڏياريون وينديون ۽ صفائي جي نظام کي مثالي بڻايو ويندو . ان موقعي تي پ پ تعلقه ميرواه جي صدر حاجي غلام عبا ڪٻر خاص مھمان طور خطاب ڪندي چيو ته پ پ جي بھتر ڪاڪردگي ۽ عوام جي توڙي ڪارڪنن جي ڪري سڄي تعلقي ۾ پ پ ڪلين سويپ ڪيو آھي ۽ عوام سام ڪيل واعدن تي عمل ڪري سندن مسئلا حل ڪيا ويندا .

جُون 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو