سيوهڻ شريف: ميونسپل ڪاميٽي آفيس ۾ حلف برداري تقريب منعقد ڪئي وئي
سيوهڻ شريف (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) ميونسپل ڪاميٽي سيوهڻ ۾ حلف برداري تقريب منعقد، چئيرمين ۽ وائيس چيئرمين حلف کڻي ورتو، تفصيل موجب ميونسپل ڪاميٽي سيوهڻ ۾ حلف برداري تقريب منعقد ڪئي وئي جتي نئون منتخب چئيرمين سيد شھزاد حيدر شاھ ۽ وائيس چيئرمين غلام مصطفي لاشاري کي اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ اقبال حسين جنڊاڻ ميونسپل ڪاميٽي سيوهڻ جي آفيس ۾ حلف کڻايو
حلف برداري تقريب ۾ وڏي انگ ۾ پيپلزپارٽي ڪارڪنن ۽ جيالن قافلن جي صورت ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي نئون چونڊيل چيئرمين سيد شھزاد حيدر شاھ ۽ وائيس چيئرمين غلام مصطفي لاشاري مٿان جيالن گل نڇاور ڪندي لونگين هار ۽ اجرڪ اوڍايا ويا
جنهن کانپوءِ ميونسپل ڪاميٽي سيوهڻ جي چئيرمين سيد شھزاد حيدر شاھ ريلي جي صورت ۾ درگاھ قلندر لعل شھباز مزار حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي فاتح پڙهي خصوصي دعا گهري ان موقعي تي سيد شھزاد حيدر شاھ چيو تہ سيوھڻ جي شھرين مون تي اعتماد ڪري ووٽ ڏنو آهي
جنھن تي سندن جو ٿورائتو آهيان ۽ شھر واسين هميشه جيان خدمت ڪندو رهندس ٻئي پاسي پيپلزپارٽي ورڪرن دهل شرنائين تي رقص ڪندا رهيا حلف تقريب بعد ماڻھن پاران سيد شھزاد حيدر شاھ کي مبارڪون ڏنيون ان موقعي تي پيپلزپارٽي ضلعي ڄامشورو جي صدر سيد آصف علي شاھ اي ايس پي سيوهڻ بيدار بخت، ۽ ٻيا موجود هئا.
جُون 20, 2023