سيوهڻ بندر محلي واسي پاران موتمار ڌمڪين ملڻ خلاف احتجاج

Spread the love

سيوهڻ شريف ( رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي)  سيوهڻ بندر محلا جو رهواسي اڪبر سولنگي پاران سنڌ پريس ڪلب سيوهڻ پهچي باء پاس روڊ دبئي هوٽل جي ڀرسان  پنهنجي ذاتي پلاٽ تان هٿ کڻڻ لاء مبينا موت مار ڌمڪيون ڏيندڙ شاه بيبي هيلٿ ڪيئر ۽ ناٿا فائونڊيشن جي چيئرمين رمضان ناٿا، اڪبر ملاح ،گلاب ڀٽي، ماجد قريشي خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائي پريس ڪانفرنس ڪئي

 سيوهڻ ان موقعي تي اڪبر سولنگي پاران پريس بيان ڏيندي   چيو ته منهنجي ذاتي پلاٽ تي مبينا ناٿا فائونڊيشن جي چيئرمين رمضان ناٿا ۽ ان جا ساٿاري اڪبر ملاح ماجد قريشي گلاب ڀٽي مبينا مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن وڌيڪ ان پريس ڪانفرس ڪندي ٻڌايو ته 9000 ھزار ڦٽ پلاٽ جيڪو باء پاس روڊ دبئي هوٽل جي پاسي ۾ آھي

 ان پلاٽ جو قبضو ڇڏائڻ لاء مٿيان جن جا نالا ورتا آهن اهي مبينا ڌمڪيون ۽ پئسڻ جي آفر ڪري رهيا، مان چاهيان ٿو ت منهنجو پلاٽ مونکي ڏنو وڃي،

مان حيدرآباد ڪراچي تائين انصاف لاء ويو آهيان مجبورن انصاف لاء پريس ڪانفرنس ڪيان پيو مونکي منهنجي گهر وارن کي ڪجھ به ٿيو ان جا زميوار مٿيان شخص جن جا مون نالا ورتا آهن منهنجي سيوهڻ جي سيد آصف علي  شاھ،  سڪندر علي راهپوٽو کي ۽ وس وارن کي اپيل آهي ته مونسان انصاف ڪيو وڃي

جُون 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو