سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جو آخري مرحلو مڪمل ٿي ويو
سانگهڙ (رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جو آخري مرحلو مڪمل ٿي ويو، ضلعي ڪائونسل، ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽين جي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن پنهجي عهدن جو حلف کڻي ورتو.
سنڌ حڪومت جي فيصلي موجب کيس پهرين جولاءِ تي چارج ڏني ويندي. تفصيل موجب : ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ محمد اسحاق گاد چيئرمين ۽ وائيس چيئرمينن کان حلف ورتو،حلف برداري جي تقريب ضلعي ڪائونسل هال سانگهڙ ۾ منعقد ڪئي وئي،
جنهن ۾ سينيٽر قرة العين عيني مري، وڏي وزير جي خاص معاون پارس ديرو، جاويد ناياب لغاري، عالمگير جوڻيجو ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نئي چونڊيل ضلعي چيئرمين علي حسن هنڱورجو چيو ته مان پارٽي قيادت ۽ ضلعي جي عوام جو شڪر گذار آهيان
جو مون تي اعتماد ڪيو. انشااللہ مان انهن جي اعتماد تي پورو لهندس ڇاڪاڻ ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي.
جُون 20, 2023