سانگهڙ: ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت ھيٺ ٿيو
سانگهڙ (رپورٽ: شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ۾ ننڍي عمر جي ٻارن ۽ ڳورهاري عورتن ۾ غذائي کوٽ جي خاتمي لاءِ جوڙيل ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ محمد اسحاق گاد جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ هن چيو ته ايڪسلريٽڊ ايڪشن پلان تحت ڪم ڪيو پيو وڃي
جنهن سان ڳوڙهاريون عورتون ۽ غذائي کوٽ جو شڪار ٻار فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. گڏجاڻي ۾ يورپي يونين جي نمائندن رضوان احمد ميمڻ چيف ڪوآرڊينيٽر پنس 1 ۽ مشتاق احمد شاهاڻي ايڊوائزر واش اينڊ ايجوڪيشن شرڪت ڪئي ان موقعي تي مشتاق احمد شاهاڻي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته غذائي کوٽ عالمي مسئلو آهي
۽ پاڪستان ۾ ان تي ضابطو آڻڻ لاءِ مختلف پروگرام جوڙيا ويا آهن. وڏي تعداد ۾ ٻارن ۽ ڳورهاري عورتن کي غذائي کوٽ سبب مسئلا درپيش آهن، ان ڪري انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ليڊي هيلٿ ورڪرز، ڪميونٽي مڊ وائفز ۽ اي پي آءِ عملي کي پڻ تربيت ڏني وئي آهي ۽ ويڪسين پڻ ڏني وئي آهي.
اڳوڻي چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ چيف ڪوآرڊينيٽر يورپي يونين رضوان ميمڻ چيو ته اسان کي وڌ کان وڌ ميويدار وڻ پوکڻ گهرجن ته جيئن غذائيت سان ڀرپور تازا ميوا کائي سگهون ۽ صحتمند زندگي گذاري سگهون.انهي موقع تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ارشد ابراهيم صديقي، انٽرنيشنل هيومن رائيٽ سنڌ جي صدر غلام قادر انڙ اطلاعات سيڪريٽري علي اڪبر جوڻيجو سميت ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.
جُون 20, 2023