ننڍي آهيان، اڃا فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جهڙي عمر ناهي: عليزي شاهه

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نوجوان ۽ خوبصورت اداڪارا عليزي شاهه انڪشاف ڪيو آهي ته هن شروعاتي ڏينهن ۾ فلم ”سپر اسٽار“ ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

عليزي شاهه تازو هڪ يوٽيوب چئنل کي انٽرويو ڏنو، جنهن ۾ هن ڪيريئر جي حوالي سان کليل نموني ڳالهايو.

هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته مان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 6 سالن جي عمر ۾ وسيم اڪرم سان گڏ اشتهار ۾ ڪم سان ڪئي.

فلمن ۾ ڪم ڪرڻ بابت سوال تي هن چيو ته مان 4 کان 5 سالن تائين ڪنهن به فلم ۾ ڪم ڪرڻ نٿي چاهيان، ڇو ته اڃا مان پاڻ کي ان لاءِ تيار نٿي سمجهان.

عليزي شاهه انڪشاف ڪيو ته مان فلم سپر اسٽار ۾ ڪم کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، ڇو ته ان وقت منهنجي عمر 16 سال هئي ۽ گهروارن جو به دٻاءُ هو ته فلمن ۾ ڪم نه ڪيان، ننڍي آهيان، تنهن ڪري فلم ۾ ڪم کان انڪار ڪيو پر مومنه دريد جي اصرار تي فلم سائن ڪئي.

جُون 19, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو