بابر اعظم جي ساٿي ڪرڪيٽرن سان رسول صه جي روضي ٻاهران نڪتل تصوير وائرل

Spread the love

مدينو شريف ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم، وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان ۽ بيٽنگ آل رائونڊر افتخار احمد حج جي ادائيگي لاءِ مديني شريف ۾ موجود آهن.

سومر جي ڏينهن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بابر اعظم رسول صلعم جي روضي جي احاصي ۾ ورتل هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ساڻس گڏ محمد رضوان ۽ افتخار احمد به بيٺا آهن.

بابر اعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ” جيئن ئي سائو گنبذ نظر ايندو، زندگيءَ جا طور طريقا تبديل ٿي ويندا“ .

ٻئي پاسي فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي افتخار احمد به اسٽوري شيئر ڪئي جنهن ۾ هو مديني ۾ مسجد قبا ۾ موجود آهي.

اسٽوري ۾ ساڻس گڏ بابر اعظم، فهيم اشرف، محمد رضوان، فخر زمان سيمت اڳوڻو ڪرڪيٽر انضمام الحق به نظر اچي رهيو آهي.

جُون 19, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو