ڏوڪري : بابل خان جروار ۾ نامعلوم چور ٽرانسفارمر مان سامان چوري ڪري ويا

Spread the love

ڏوڪري ( رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ بابل خان جروار ۾ نامعلوم چور ٽرانسفارمر مان قيمتي سامان چوري ڪري ويا ڏوڪري ٿاڻي جي حد ڳوٺ بابل خان جروار مان نامعلوم چور ٽرانسفارمر لاهي ٽرانسفارمر مان ڪوائيل ۽ تيل چوري ڪري ٽرانسفارمر ڳوٺ جي ٻاهران زرعي زمين ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا،

جڏهن ته ٽرانسفارمر چوري جو اطلاع ڏوڪري ٿاڻي تي ڏنو ويو ڏوڪري پوليس چورين خلاف ڪارروائي نه ڪري سگهي ان موقعي تي ڳوٺاڻن سجاد جروار، لياقت علي، وزير علي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل رات نامعلوم چور بجلي بند ٿيڻ بعد ٽرانسفارمر لاهي ٽرانسفارمر مان ڪوائيل ۽ تيل چوري ڪري ڳوٺ ٻاهران اڇلائي ويا آهن.

 هنن چيو ته ٽرانسفارمر جي چوري بابت پوليس کي اطلاع ڏنو آهي پوليس هن وقت تائين چورن کي گرفتار ناهي ڪيو. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير ٽرانسفارمر مان چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي چورن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو

جُون 18, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو