سنڌ جي وڏي وزير پاران ملير ايڪسپريس وي تي ترقياتي ڪم جو دورو ڪيو
ملير (رپورٽ: قادر درس ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ملير ايڪسپريس وي جي ترقياتي ڪم جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي مئير مرتضي وهاب ۽ ٻيا ٻيا گڏ موجود هئا وڏي وزير ملير ايڪسپريس وي جي هلندڙ ڪمن جو جائزو ورتو
ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ملير ايڪسپريس وي 39 ڪلو ميٽر جو پروجيڪٽ 27 ارب روپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويندو ملير ايڪسپريس وي ٻن حصن ۾ ورهايل آھي جن تي ڪم هلندڙ آھي ڄام صادق پل کان قائدآباد پهريون حصو جنهن 38 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آھي
جڏهن ته قائدآباد کان ڪاٺوڙ تائين ٻئين حصي جو ڪم پڻ 15 سيڪڙو ٿي ويو آهي وڏي وزير چيو ته ملير ايڪسپريس وي جي هڪ حصو ڊسمبر ۾ کوليو ويندو ايڪسپريس وي پروجڪيٽ تي 6 انٽرچيج ۽ فلائي اوور 6 سڌيون پلون تعمير ڪيون وينديون ملير ايڪسپريس وي تعمير ٿيڻ کان پوءِ 40 ڪلو ميٽر جو فاصلو گهٽجي ويندو جڏهن ته ڪراچي کان ٺٽو ۽ ڄامشورو ويندڙ ٽريفڪ جو دٻائو پڻ گهٽجي ويندو
هن وڌيڪ چيو ته ملير ايڪسپريس وي سان ميمڻ ڳوٺ ۽ ٻهراڙين واري علائقن ۾ معاشي ترقي ٿيندي ملير ايڪسپريس وي ڪراچي جي ترقي ۾ هڪ گيم چينجر ثابت ٿيندو ڪاٺوڙ سهراب ڳوٺ 50 ڪلو ميٽر ڄام صادق کان ڪاٺوڙ تائين 15 منٽن مفاصلو تحه ڪري سگهبو ان موقعي تي وڏي وزير کي پي ڊي نياز سومرو ۽ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ نجم شاه بريفڪنگ ڏني
جُون 18, 2023