ڪشمور: اپريشن ٿيٽر جو ڊپٽي ڪمشنر افتتاح ڪيو
ڪشمور (رپورٽ: طلعت نظير دايو) ڪشمور فلاحي اداري الخدمت پاران قائم اسپتال اندر اپريشن ٿيٽر جو ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي پاران افتتاح . تفصيل موجب فلاحي اداري الخدمت ڪشمور پاران ڪشمور جي عوام لاءِ بنيادي ضرورت صحت جي حوالي سان قائم اسپتال اندر تقريب ڪوٺائي وئي
جنهن ۾ اڳوڻي ضلعي ناظم سردار سليم جان مزاري ڊسٽرڪٽ ڪانوسل چئيرمين گل محمد جکراڻي ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. آيل معزز مهمانن الخدمت فلاحي اداري جي ساراهيندي چيو ته اسان جس پيش ڪيون ٿا اهڙن ادارن کي جيڪي انسان زات جي ڀلائي لاء قدم کڻن ٿا
۽ اسان جو ڀرپور انهن سان تعاون رهندو . ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته ڪشمور ضلعي اندر حڪومت پاران صحت جون سهولتون اڻ پوريون هئڻ جو ڪارڻ هتان جا ڊاڪٽر آهن جيڪي پنهنجن علائقن کي ڇڏي ٻين علائقن ۾ سهولتون فراهم ڪن ٿا
پر تنهن هوندي به ڪشمور ضلعي اندر اين آء سي وي ڊي ۽ ڊئيلاسسز سينٽر جو قيام صحت جي حوالي سان وڏيون ڪاميابيون آهن جلد ڪشمور واسين کي اکين جي اسپتال جو پڻ تحفو ڏيندا سين . ڊپٽي ڪمشنر پاران فلاحي اداري کي پنجاه هزار روپيه ڏيڻ ۽ حڪومتي سطح تي مڪمل سهڪار جو جو يقين ڏياريو.
جُون 18, 2023