ڪراچي:  انڊس وليج بنيادي سهولتن کان محروم، ڳوٺاڻا جو احتجاج

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ: ثناءاللہ هڪڙو) سبزي منڊي ويجهو ناردرن باءِ پاس تي قائم قديم سنڌي وسندي انڊس وليج بنيادي سهولتن کان محروم، ڳوٺاڻا تعليم، صحت، پاڻي ۽ ڊرينيج سسٽم سميت سمورين سهولتن کان وانجهيل، رهواسي پٿر واري دور جي زندگي گذارڻ تي مجبور، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو، ڪراچي جهڙي شهر ۾ هن قديم وسندي اندر پٿر واري دور جي زندگي گذاري رهيا آهيون، تعليم ۽ صحت جهڙين بنيادن سهولتون به نه پيون ڏنيون وڃن، فوري طور نوٽيس وٺي انڊس وليج کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن : علائقي واسي

 تفصيل موجب سبزي منڊي ويجهو ناردرن باءِ پاس تي قائم قديم سنڌي وسندي انڊس وليج بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهي، ڳوٺاڻا تعليم، صحت، پاڻي ۽ ڊرينيج سسٽم سميت سمورين سهولتن کان وانجهيل آهن،

ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪرڻ باوجود رهواسي اڃا تائين پٿر واري دور جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، ان حوالي سان  ڳوٺاڻن لياقت چانڊيو، وزير چانڊيو، لياقت مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي جهڙي شهر ۾ هن قديم وسندي اندر پٿر واري دور جي زندگي گذاري رهيا آهيون،

تعليم ۽ صحت جهڙين بنيادن سهولتون به نه پيون ڏنيون وڃن، هنن ٻڌايو ته ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪرڻ جي باوجود اسان جو هڪ به مسئلو حل نه پيو ڪيو وڃي، اسان جا ٻار تعليم جهيڙي زيور کان محروم بڻيل آهن، ڊرينيج جو سسٽم نه هجڻ جي ڪري گندو پاڻي روڊن ۽ رستن کان ٿيندو گهرن ۾ داخل ٿي رهيو آهي،

 هنن چيو ته اسان جي ڪوبه واهر ڪرڻ وارو ناهي، ڀرپاسي ۾ رهندڙ ڌارين کي ته سڀ سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، گيس جي لائين اسان جي ڳوٺ ڀرسان ٿيندي ڌارين جي ڳوٺن ۾ وڃي ٿي باقي اسان ڪاٺيون ٻاري گذارو ڪرڻ تي مجبور آهيون،

 جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي انڊس وليج کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

جُون 18, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو