ڏوڪري ۾ چوريون،ڦريون روز جو معمول بڻيل، شھري پريشان
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري تعلقي مان امن جو پکي اڏامي ويو، چوريون،ڦريون روز جو معمول بڻيل، هڪ رات ۾ ٽن کان وڌيڪ ڏوھ ٿي ويا، ايس ايڇ او ڏوڪري ۽ وڏي منشي ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ بدران سڀ ٺيڪ آهي جو راڳ آلاپيندا رهيا، شهرين جو احتجاج ڏوڪري تعلقي مان امن امان جو پکي اڏامي ويو آهي عيد ويجهو ايندي ئي 20 کان وڌيڪ ڏوھ ٿي ويا آهن،
ڏوڪري پوليس شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه ڪري سگهي، ايس ايڇ او ڏوڪري ممتاز سيال، وڏو منشي شير ککراڻي سڀ ٺيڪ آهي جو راڳ آلاپي رهيا آهن. ان ڏس ۾ گذريل رات ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ڳجهڙ ۾ شعيا علماءِ ڪائونسل ضلعي اڳواڻ علامہ ڊاڪٽر غلام علي عاملي جي سوٽ زوار سجاد حسين جلباڻي جي دوڪان جي ڇت کي کاٽ هڻي 8 لکن روپين جي ماليت سان 60 ٿيلهيون هاءِ برڊ ٻڄ، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا آهن
جڏهن ته ڳوٺ منڌرا لاڙي وٽان صبح جو چار وڳي سونهري واسي محمد علي جوڻيجو، ارشد علي جوڻيجو کي نامعلوم هٿياربندن يرغمال بڻائي موٽر سائيڪل، ڏھ ھزار روڪ ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. ڳوٺ ڳجهڙ باڊھ روڊ تي امداد علي ڪنڀر جي سرن جي بٺي تي پنج نامعلوم چور چوڪيدار کي يرغمال بڻائي ٽريڪٽر ڪاهي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته ڳوٺاڻن سجاڳ ٿي پيا ته چور ٽريڪٽر روڊ تي ڇڏي فرار ٿي ويا.
جڏهن ته ٻه ڏينهن اڳ ڏوڪري پريس ڪلب مان ٻه سولر پليٽون چوري ڪري ويا هئا، نامعلوم چور بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ جي ملازم اسلم ڪنڀر جي گهر ٻاهريان بيٺل موٽر سائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ منڌرا ۾ ڏوڪري پوليس خلاف شعيا علماءِ ڪائونسل ضلعي اڳواڻ علامہ ڊاڪٽر غلام علي عاملي، محمد علي جوڻيجو، ارشد علي جوڻيجو، وزير گوپانگ، رزاق گوپانگ، امتياز گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايڇ او ڏوڪري ممتاز سيال، وڏو منشي شير ککراڻي ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ بدران ڏهارين جي پٺ ڀرائي ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته ڏوڪري پوليس جي سرپرستي ۾ جوا، هيروئن، آئيس، شراب، آفيم، چرس سميت مخلتف منشيات وڪرو ٿي رهي آهي
پوليس منشيات وڪرو ڪندڙن کان هزارين رويپا منٿلي وٺي زهر هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. هنن چيو ته جيستائين شهر مان منشيات جو وڪرو بند نه ڪيو ويندو تيستائين ڏوهن تي ڪنٽرول نه ٿي سگهندو. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير شهر مان ٿيل ڏوھ واپس ڪرايا وڃن ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو
جُون 18, 2023