چوٽياريون : سامي فائونڊيشن پاران اجلاس ڪوٺائي وئي
چوٽياريون (رپوٽ: علي گل منڱريو) چوٽياريون ويجهو سامي فائونڊيشن پاران گونمنٽ پرائمري اسڪول عبدالغفار لغاري ۾ ميٽنگ ڪوٺائي وئي. اسان جو تنظيم جو مقصد آھي ته آئوٽ آف ٽرن کي ڪيئن روڪجي ۽ جيڪي ٻار غربت يا ٻي وجھ جي ڪري اسڪول نه ٿا اچن انهن کي اسڪول ۾ آڻجي.
ڪرن مرتضيٰ خبر موجب: ايڪٽڊ جي سهڪار سان سامي فائونڊيشن جي ٽيم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول عبدالغفار لغاري ۾ پهچي صحت تعليم ۽ ٻارن جي حقن جي حوالي سان ڄاڻ ڏني. سامي فائونڊيشن جي Cpo ولي محمد مڱريو صفائي بابت ڄاڻ ڏيندي چيو ته ٻارن جي والدين جي غربت کي مد نظر رکندي ٻارن ۾ اسٽيشنري جو سامان ۽ راندين جو سامان ۽ اسڪول بيگ پڻ ڏيئي چڪا آھيون
۽ اڳتي لاء به تعليم جي حوالي سان وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪري رهيا آھيون.So ڪرن مرتضيٰ يوسفزئي،mo سنجيل رند ۽ ٻين چيو ته اسان جي تنظيم جو مقصد ٻارن جي آئوٽ آف ٽرن کي روڪڻ آھي اسان جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش اها آھي
ته جيڪي ٻار اسڪول کان ٻاهر آھن انهن کي اسڪول ۾ آڻجي جيئن ٻار سٺي تعليم حاصل ڪري ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن. اسڪول جي هيڊ ماسٽر خالد لغاري جو چوڻ ھو ته سامي فائونڊيشن تعليم جي واڌاري لاء ڪوششون وٺي رهي آھي
جيڪو بهترين قدم آھي. برساتن جي نقصان سبب جيڪي ٻار اسڪولن کان آئوٽ ٿي ويا سي هاڻي واپس اسڪولن ۾ اچي رهيا آھن ۽ داخلا پڻ وڌي رهي آھي اميد ٿا ڪريون ته اسڪولن جي داخلا سان گڏ تعليم ۾ پڻ بهتري ايندي. ان موقعي تي اسڪول جي اسٽاف کان علاوه ايس ايم سي جي ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي.
جُون 18, 2023