پيپلزپارٽي پاڪستان جي غريبن جي ترجماني پارٽي آھي: عبدالسميع پيرزاده
سکر (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) مڪي شاهه ٽائون يونين ڪاميٽي 11 نيو پنڊ سکر جي چيئرمين عبدالسميع پيرزاده چيو آهي ته پيپلزپارٽي پاڪستان جي واحد پارٽي آهي جيڪا غريبن جي ترجماني ۽ عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي آهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بي بي شهيد محترمه بينظير ڀٽو عوام کي شعور ڏنو ته هو پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪن، پي پي جي عوامي خدمتون ڪنهن کان لڪيل نه آهن
علائقي واسين جي سهڪار سان يوسيءَ کي ترقي يافته يوسي بنائينداسي، ووٽ جو مقصد اهو آهي ته عوامي نمائندو اوهان جي علائقي جي مسئلن کي حل ڪندي ڏک سک ۾ شريڪ رهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن يوسي جي مختلف علائقن مان نڪاسي آب جي نظام کي درست ڪرائڻ لاءِ ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ دوران ڪيو
علائقي واسين صفائي سٿرائي سميت نڪاسي نظام جي بهتري لاءِ کنيل قدمن تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ ٻين مسئلن کان آگاهه ڪيو جنهن تي علائقي واسين کي يقين ڏياريو ته پ پ جا نمائندا پنهنجي شهيد قائدين جي فڪر ۽ فلسفي تحت عوام جي خدمت جاري رکندا.
جُون 18, 2023