ٽنڊوڄام: مقتول جي وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو
ٽنڊوڄام (رپوٽ: واجد علي چانڊيو) ٽنڊوڄام ڪجھھ ڏينهن پهريان قتل ٿيل قيوم ويسر جي وارثن جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو، قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعري بازي، پوليس روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه ٿي وٺي. مقتول جو والد خبر موجب ڪجه ڏينهن اڳ ڪارنهن جي الزام هيٺ بيدرديءَ سان قتل ٿيل قيوم ويسر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مقتول جي وارثن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻي ۾ مير ڪالوني کان ٽنڊوڄام پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،
مقتول قيوم ويسر جي والد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ سازش تحت منهجي پٽ قيوم ويسر کي ڪارنهن جو ڪوڙو الزام هڻي کيس پنهنجي واڙي تي بيگناھ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، نئون ڏينهن گذرڻ باوجود ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿين باوجود پوليس روپوش چار جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه ٿي ڏيکاري رهي آهي
احتجاج ڪندڙن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد، ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته قتل ٿيل قيوم ويسر جي خون ۾ روپوش جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.
جُون 18, 2023