ٺٽو:  سامونڊي طوفان جو خطرو ٽري وڃڻ بعد علائقي واسين جي واپسي

Spread the love

ٺٽو (رپوٽ:  نظير احمد قريشي) سامونڊي طوفان جو خطرو ٽري وڃڻ کان پوءِ محفوظ ھنڌن توڙي رليف ڪئمپن ۾ منتقل ٿيل ساحل واسين پنھنجي ماڳن ڏانھن وڃڻ جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو آھي، جن کي ضلعي انتظاميہ طرفان ٽرانسپورٽ سميت راشن پڻ مھيا ڪيو پيو وڃي،

ٻئي طرف شيرازي هائوس ٺٽو تي قائم ڪيل ڪئمپ ۾ ترسيل سوين طوفان متاثرين کي پڻ پنهنجي پنهنجي ماڳن ڏانھن پ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، اڳوڻي ايم پي اي سيد امتياز شاھ شيرازي، حاجي حنيف ميمڻ پاران کين بسون فراھم ڪرڻ سان گڏ راشن ۽ ٻيو ضرورت جو سامان مھيا ڪري کين پنھنجي ماڳن ڏانھن روانو ڪري الوداع ڪيو،

ان موقعي تي ترسيل ڪيترن ئي طوفان متاثرين سمورن شيرازي ڀائرن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ھن ڏکئي وقت ۾ شيرازي ڀائرن اسان مصيبت سٽيل ماڻھن لاء پنهنجي هائوسز جا دروازا کولي فراخدليءُ جو مظاهرو ڪيو آھي، اسان سندن اھو احسان ڪڏھن به وساري ڪونہ سگھنداسين، هنن چيو ته هاڻي هتان واپس وڃڻ تي دل ئي نٿي چئي،

شيرازي ڀائرن پاران ڏنل محبت هميشه ياد رهندي. ان موقعي تي پ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، سيد امتياز شاھ شيرازي ۽ ٻين چيو تہ ھي سندن فرض ھو جيڪو ھنن ادا ڪيو اھي، ھنن چيو تہ الله پاڪ جي مھرباني اھي

جو اسان سميت سمورن ساحل واسين کي سامونڊي طوفان کان محفوظ رکيو اھي، ھنن چيو تہ ھن واري سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميہ اڳواٽ بھتر قدم کڻي ساحل واسين کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪري سندن رھائش، کاڌي پيتي جو بھتر بندوبست ڪيو آھي، اسان بہ ڪوشش ڪري شيرازي ھائوس ساحل واسي متاثرين لاء مختص ڪري کين گھربل سموريون سھولتون مھيا ڪيون جيڪي سندن ضرورتون ھيون، ھنن پڻ سمورن رھائش پذير متاثرين جو ٿورو مڃيندي کين نيڪ تمنائن سان پنھنجي پنھنجي ماڳ روانو ڪيو.

جُون 18, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو