وڳڻ : پاڪ فوج جي شھيدن کي سلامي ڏيڻ لاءِ ريلي ڪڍي وئي
وڳڻ (رپوٽ: عاجز چانڊيو ) پاڪستان جي ٻين شھرن جيئان وڳڻ ويجھو ڳوٺ پکو ۾ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي سينئير سياستدان سرفراز الدين اسراڻ جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج جي شھيدن کي سلامي ڏيڻ لاءِ اسراڻ ھائوس کان ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ پاڪ آرمي سان محبت ڪندڙ سوين ماڻھن شرڪت ڪئي
انھي موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي قمبر ضلعي جي سينئير سياستدان سرفراز الدين خان اسراڻ چيو ته پاڪ فوج جي شھيدن کي اسين سرخ سلام پيش ڪيون ٿا جن ملڪ لاءِ پنھنجي جان قربان ڪئي انھن جون قربانيون اسان کان ڪڏھن به وسري نٿيون سگھن
اسان کي پنھنجي فوجي جوانن تي فخر آھي جيڪي ھر وقت ملڪ جي سرحدن تي ايمانداري سان ڊيوٽيون ڪن ٿا شھيد ھميشه زنده رھندا ۽ تاريخ ھميشه بھادرن کي زنده رکندي آھي اسان پاڪ فوج سان ھر وقت گڏ آھيون،
جُون 18, 2023