مون کي چئن ڪتابن تي سٺي مڃتا ملي آهي: صالح راڄپر 

Spread the love

ڏوڪري (رپوٽر) سنڌي ٻوليءَ جي برجستي ڪھاڻيڪار ۽ نثري نظم جي سھڻي شاعر وفا صالح راڄپر  سنڌ امر  سان ڳالهائيندي چيو ته سٺي ۽ معياري ڪھاڻي پنھنجا پڙھندڙ پاڻ پيدا ڪندي آهي

 مون کي پنهنجي چئين ڪتابن تي جيڪا مڃتا ملي آهي اھا سٺي ۽ معياري لکڻ تي ملي آھي مون ٿورو لکيو آهي پر معياري ۽ سٺو لکيو آهي مون پنهنجي لکڻ جي شروعات 1999 کان ڪئي ڪيترن ئي رسالن جو ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽر رھي چڪو آهيان

شروعات شاعريءَ کان ڪيم شاعريءَ کان پوءِ ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيم پنھنجي ڪھاڻي پھريون ڀيرو جڏهن سنڌي ادبي سنگت شاخ باڊه۾ تنقيد لاء پيش ڪئي ته دوستن منهنجي ڪھاڻيءَ جي تعريف ڪندي چيو ته توهان ڪھاڻيون سٺيون لکي سگهو ٿا

توهان ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ مون ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون منھنجو جڏهن ڪھاڻي ڪتاب ٫٫ارپڻ کان رھجي ويل محبت ،، ڇپيو ته ان ڪھاڻي ڪتاب تي مون کي تمام گهڻي موٽ ملي منهنجي پھرين لکڻي نظم جي صورت۾ ماھوار ٫٫پورب،، رسالي ۾ شايع ٿي .

مان ڪھاڻيءَ کي پنهنجي محبوبا سڏيندو آھيان ڪھاڻي به پنھنجي محبوبه جيان ڪڏهن مون سان رٺل ته ڪڏهن پرتل ھوندي آھي. سٺي ۽ معياري ڪھاڻيءَ جي وصف منهنجي نظر۾ اھا آھي ته ڪھاڻي پڙھڻ وقت ڪھاڻي جا صفحا ڳڻڻ ج جي ضرورت نه پوي. ڪلھ جي ڀيٽ۾ آڄ جا ڪافي ڪھاڻيڪار سٺيون ۽ معياري ڪھاڻيون لکي رهيا آهن

 سندن ڪھاڻين جا موضوع اڇوتا ۽ اڻ ڇھيل ۽ ڪھاڻين جي ٻولي دل جي تارن کي ڇھندڙ ۽ ڪھاڻي جو وڻندڙ ھوندو آھي . ھن وڌيڪ چيو ته صحتمند تنقيد صحتمند ادب کي جنم ڏيندي آهي ليکڪ تنقيد کان ڀڄڻ نه گهرجي بلڪه ان جي آجيان ڪرڻ گهرجي

 اڪبر لغاري، خليق ٻگهيو، متماز مھر، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري، ڊاڪٽر شير مهراڻي، محمد دين راڄڙي، جاويد پنھور ۽ ٻيا ڪافي موجوده دؤر جا سٺا نقاد آھن جيڪي تنقيد جي حوالي سان سٺو ڪم ڪري رهيا آهن.ناول جي حوالي سان ھن ڳالھائيندي چيو ته ٻن ٽن ليکڪن جي ناول کي ڇڏي ڪري باقي اسان جو سنڌي ناول يونيورسٽيءَ جي عشق کان ٻاهر نڪري نه سگھيو آهي

 ناول جي جي ڀيٽ۾ اسان وٽ ڪھاڻي نه رڳو سٺي پر معياري لکجي رھي آھي اسان جا سنڌي ڪھاڻيڪار پرڏيهي ڪھاڻيڪارن کان گهٽ ڪونه آھن اسان ساڙ ۽ حسد جي عينڪ لاهي رڳو انھن کي پڙھون ته اخلاق انصاري، محمد صديق منگيو، طارق قريشي، نصير ڪنڀر، رزاق سھتو ۽ منور منور سراج، انور ڪاڪا، امر لغاري، اختر رند، شبير نظاماڻي، راجن مڱريو ،انور ابڙو تائين ھڪ وڏي کيپ آھي

 جن زندگيءَ کي نموني پورٽريٽ ڪيو آهي جو چيخوف ۽ ڪافڪا به نه پڄن انھن اسان جي جيون جي اھڙي ت تصوير ڇڪي آھي جو ڇا ڳالهه ڪجي. نثري نظم جي حوالي سان ھن ڳالھائيندي چيو ته اڄڪلهه ڪجهه شاعر دوست فيسبوڪ تي جيڪي نثري نظم لکي رهيا آهن اھي نثري نظم بلڪل نه آھن سٽن کي نيڍو وڏو ڪري لکڻ کي به نثري نظم ناھي چئبو .

 توڙي جو نثر نظم۾ قافيي، رديف ۽ بحر وزن جي ڪابه پابندي ڪونھي ان جي باوجود به نثري نظم پنھنجي جوھر ۾ ھڪ ڏکي ۽ محنت طلب صنف آهي جيڪا رت ولوڙڻ کان سواءِ نٿي لکي سگهجي نثري نظم جي سٽن۾ اھڙي ت رواني ھجي جھڙي رواني اتاھين تان لھندڙ آبشارن ۾ ھوندي آھي

۽ ان جي لھجي جو مٺاس اھڙو ھجي جھڙو بلوغت جي ويجهو ڪنھن شرميلي ڇُوڪريء جو ھوندو آھي نثري نظم ۾ خيال ،فڪر ۽ ڪيلائيمڪس جو جاندار ۽ شاندار ھجڻ به ايترو ضروري آهي جئين رات جي لاءِ آسمان ۾ تارا .اھي سڀ رنگين ڌاڳا ملي ڪري نثري نظم جو تاڃو پيٽو اُوڻن ٿا.

ھن ڳالھائيندي اھو به چيو ته مون مڃتا جي عيوض ۾ ڪيترائي ايوارڊ به مليا آهن جن۾ بھترين ڪھاڻيڪار جو ايوارڊ، حُسن ڪارڪردگيءَ جو ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز جي ايوراڊ کانسواءِ ڪيترائي مڃتا سرٽيفيڪيٽ به ماڻيا آهن.ھن وڌيڪ چيو ته لکڻ لاءِ عشق جي چوٽ نه پر ڀوڳنا اھم آھي

 ۽ پوءِ اھا ڀوڳنا ڪھڙي به حوالي سان ٿي سگهي ٿي ڪنھن ڏاھي چواڻي ته٫٫ اگر۽ لوبان جئين خامي ته خوشبوءِ ٿئين، شاھ لطيف چواڻي ته الام ڏاھي نه ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن سو لکڻ لاءِ عشق جي چوٽ نه پر ڏاھو ٿئيڻ ضروري آهي ۽ اھا ڏاھپ اسان کي ڀوڳنا ذريعي ئي ملي سگهي ٿي.

جُون 18, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو