ملير : پيپلزپارٽي جو اڳوڻو ايم اين اي شير محمد بلوچ مٽي ماءُ حوالي

Spread the love

ملير (رپورٽ: قادر درس ) پيپلزپارٽي جو اڳوڻو ايم اين اي شير محمد بلوچ مٽي ماءُ حوالي ، جنازي نماز ۾ وڏي وزير سميت صوبائي وزيرن ۽ ميئر ڪراچي جي شرڪت ، شير محمد بلوچ پارٽي جو وفادار ساٿي هو سندس وڇوڙو ڏکوئيندڙ آهي : مراد علي شاهه تفصيل موجب : پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ شهيد ڀٽي جي ويجهي ساٿي اڳوني ايم اين اي شير محمد بلوچ جي  جنازي نماز ملير جي دائود بروهي ڳوٺ م ادا ڪئي وئي

 جنازي نماز ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ اطلاعات واري وفاقي وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير سعيد غني ، ميئر ڪراچي مرتضي وهاب ، ڊپٽي ميئر سلمان مراد ، ايم اين اي حڪيم بلوچ صوبائي وزير ساجد جوکيو ايم پي اي سليم بلوچ راجا رزاق بلوچ ن ليگ اڳواڻ قادر بخش ڪلمتي ملير ٽائون جي چيئرمين جان محمد بلوچ ابراهيم حيدري ٽائون جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو گڏاپ جي چيئرمين طارق بلوچ ، سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه سميت وڏي انگ ۾ پارٽي ڪارڪنن شرڪت ڪئي

 ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته شير محمد بلوچ آمرن سان مهاڏو اٽڪايو شهيد محترمه بينظير ڀٽو ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن کي اڳتي وڌايو شير محمد بلوچ پارٽي جو سينئر اڳواڻ هو سندس کي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا شير محمد بلوچ پارٽي جو سرمايو هو هن عوامي خدمت ڪئي سندس خال ڀرجڻ جهڙو  ناهي

جُون 18, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو