ملير: متاثرين ايڪشن ڪميٽي پاران روزگار نه ملڻ خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان
ملير (رپورٽ: قادر درس ) قاسم متاثرين ايڪشن ڪميٽي 25 جون کان پورٽ قاسم متاثرين ۽ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ، پريس ڪانفرنس ۾ جدوجهد جو شيڊول پڌرو ، اڄ کان گهگهر ، پپري ، رزاق آباد سميت مختلف علائقن ۾ڪارنر گڏجاڻيون شروع ڪيون وينديون ،
وفاقي توِڙي سنڌ حڪومت ، چونڊيل نمائندن ، سنڌ جي سياسي اڳواڻن ، انساني حقن جي تنظيمن سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن کي لکت ۾ متاثرن جو ڪيس موڪلڻ جو فيصلو ، 1989 ۾ پورٽ قاسم متاثرن سان ناانصافين جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڄ تائين جاري آهي اڳُوڻي وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو متاثرن جي مسئلن جي حل لاءِ وزير اعظم انسپيڪشن ڪميش عرف ڪانگو ڪميشن جوڙي جنهن جي ڪيل فيصلن تي به عمل نه ٿيو
تعصب ڪامورا 2002 کان ڀرتين ۾ متاثرن ۽ مقامي ماڻهن سان غير قانوني ڀرتيون ڪري ناانصافي ڪري رهيا آهن هاڻ هڪ هڪاڻي ٿيندي ، ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سيد خدا ڏنو شاهه ، منان شيخ ، علي محمد بلوچ ، حيات تنيو ، سليم سالار ، حاجي گبول ۽ ٻين جي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پرهجوم پريس ڪانفرنس تفصيل موجب : پورٽ قاسم متاثرين ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ڪنوينر سيد خدا ڏنو شاهه ، سيڪريٽري منان شيخ ، علي محمد بلوچ ، حيات تنيو ، سليم سالار ، حاجي گبول ، ولي محمد گبول ، ايوب گبول ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي
25 جون تي ملير پريس ڪلب تي احتجاجي مظاهرو ڪري پورٽ قاسم متاثرين ۽ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ احتجاجي مظاهرا ، ڌرڻا ، بک هڙتالون ۽ دورا ڪيا ويندا جيڪو سلسلو اڄ کان گهگهر ، پپري ، رزاق آباد سميت مختلف علائقن ۾ڪارنر گڏجاڻيون شروع ڪيو ويندو
هنن ٻڌايو ته وفاقي توِڙي سنڌ حڪومت ، چونڊيل نمائندن ، سنڌ جي سياسي اڳواڻن ، انساني حقن جي تنظيمن سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن کي لکت ۾ متاثرن جو ڪيس موڪليو ويندو هنن چيو ته 1989 ۾ پورٽ قاسم متاثرن سان ناانصافين جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڄ تائين جاري آهي
اڳُوڻي وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو متاثرن جي مسئلن جي حل لاءِ وزير اعظم انسپيڪشن ڪميش عرف ڪانگو ڪميشن جوڙي جنهن جي ڪيل فيصلن تي به عمل نه ٿيو هنن چيو ته تعصب ڪامورا 2002 کان ڀرتين ۾ متاثرن ۽ مقامي ماڻهن سان غير قانوني ڀرتيون ڪري ناانصافي ڪري رهيا آهن
هاڻ هڪ هڪاڻي ٿيندي هنن وفاقي توڙي سنڌ حڪومت ، وفاقي وزير ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي کان مطالبو ڪيو ته متاثرين جي مسئلن جي حل لاءِ جوريل ڪانگو ڪميشن سان ڪيل لکت ۾ معائدن تي عمل ڪيو وڃي متاثرن جي نوجوانن کي لکيل فيصلن مطابق نوڪريون ۽ سکيا ڏني وڃي متاثرن کان ورتل زمين تي ٺاهيل انڊيسٽريل زون ۾ اوليت جي بنياد تي روزگار ڏنو وڃي انڊسٽريل زون ۾ قائم ڪيل ڪمرشل ۽ صنعتي ادارن کان سي ايس آر فنڊ جي رقم وصول ڪري مقامي آبادي ۽ متاثرن جي آبادگاري تي خرچ ڪيو وڃي پورٽ قاسم جي حدن ۾ ايندڙ تاريخي قبرستانن ، ڳوٺن ۽ ماڳن جو تحفظ ڪيو وڃي
جُون 18, 2023