لاڙڪاڻو: رمضان  ڪالوني  خاڪسار تحريڪ  جي ڪارنر گڏجاڻي ٿي گذري

Spread the love

لاڙڪاڻو (بيورو چيف:  عبدالوحيد ابڙو)  لاڙڪاڻو جي رمضان  ڪالوني  ۾  لاڙڪاڻو خاڪسار تحريڪ  جي اڳواڻن  پاران ڪارنر گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ رضمان ڪالوني جي رهواسين خاڪسار عبدالصمد سومرو خاڪسار محمد قاسم سومرو حاجي خان ڏھوٽ  خاڪسار بيگ محمد خان جوڻيجو خاڪسار علي دوست جاگيراڻي ۽ ٻين  خاڪسار تحريڪ پاڪستان جي امير خاڪسار تحريڪ اجنئير نثار خان ۽  ناظم اعلي سنڌ خاڪسار انور علي ابڙو ۽ نائب مدارنظام سنڌ بلوچستان عبدالوحيد  ابڙو جن جي قيادت تي اعتماد ڪندي خاڪسار تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو

 ۽ چيو ته اسان خاڪسار تحريڪ جي ناظم اعليٰ سنڌ خاڪسار انور علي ابڙو جن جي قيادت ۽ سندن ٽيم تي اعتماد جو اظھار ڪندي  شموليت جو اعلان ڪيون ٿا. جڏهن ته رضمان  ڪالوني واسين آيل مهمانن تي گل جي ورکا ڪري بهترين داد ڏنو.

ان موقعي تي ناظم اعلي سنڌ  خاڪسار انور علي ابڙو نائب مدارنظام سنڌ بلوچستان عبدالوحيد  ابڙو سالار ضعلي خاڪسار اسد الله کھاوڙ سالار شھر خاڪسار نور حسين بوزدار خاڪسار عرفان بليدي سر سالار خاڪسار رجب علي بليدي خاڪسار غلام علي ڪلوڙ خاڪسار رشيد جمالي لاڙڪاڻو  سماجي اتحاد جي اڳواڻ عبدالغني  مغل ۽ ٻيا شرڪت ڪئي دوستن کي لاڙڪاڻو خاڪسار تحريڪ پاڪستان  ۾ شموليت ڪرڻ تي سڀنن خاڪسارن جا ٿورا مڃيا.

جُون 18, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو