شڪيرا جي گيت جي انداز ۾ انب کپائيندڙ پاڪستاني نوجوان جي وڊيو وائرل
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گلوڪارا شڪيرا جي گيت وڪا وڪا جي انداز ۾ انب کپائيندڙ پاڪستاني نوجوان جي وڊيو وائرل ٿي وئي.
سوشل ميڊيا تي هڪ انب کپائيندڙ نوجوان جي دلچسپ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ نوجوان گراهڪن کي پاڻ ڏانهن ڌياڻ ڏيارڻ لاءِ انوکو طريقو آزمائي رهيو آهي.
وڊيو ۾ نوجوان کي مشهور گلوڪارا شيڪيرا جي گيت وڪا وڪا جي طرز تي ڳائيندي پنهنجا انب کپائيندي ڏسي سگھجي ٿو.
اها وڊيو انسٽاگرام تي موجود آهي ۽ نوجوان جي ريڙهي انبن سان ڀريل آهي.
اهو گيت شڪيرا جو مشهور گيت آهي جنهن کي هن 2010ع ۾ ڏکڻ آفريقا ۾ ٿيل فيفا ورلڊ ڪپ لاءِ ڳايو هو.
وڊيو جي ڪيپشن موجب اها وڊيو پاڪستان جي شهر اٽڪ جي نوجوان جي آهي ۽ ان وڊيو کي وڏي انگ ۾ ماڻهو ڏسي چڪا آهن ۽ سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان نوجوان جي انداز کي پسند ڪيو پيو وڃي.
