سکر : ڪسٽم انٽيليجنس جون ڪارروايون، پرڏيهي  سگريٽ برآمد

Spread the love

 سکر (رپوٽ: ماجد منگي ) سنڌ ۾ ڪسٽم انٽيليجنس جون ڪارروايون، 69.7 ملين رپين جي ماليت جي پرڏيهي  سگريٽ برآمد، چيئرمين ايف بي آر ۽ ڊي جي ڪسٽم انٽيليجنس ڪارروائين تي حيدرآباد ڊائريڪٽوريٽ آف ڪسٽمز جي عملدارن جي تعريف ڪئي،

خبر موجب چيئرمين ايف بي آر عاصم احمد ۽ ڊائريڪٽر جنرل ڪسٽم انٽيليجنس ڪسٽم انٽيليجنس فيض احمد چڍهڙ جي هدايتن تحت حيدرآباد ڊائريڪٽوريٽ آف ڪسٽمز اسٽاف جي آفيسرن جي سربراهي ۾ سڄي سنڌ ۾ اسمگلنگ خلاف ڪارروائيون تيز ڪري ڇڏيون آھن.

 جيڪب آباد، ڪشمور، خيرپور ۽  ٻين علائقن ۾ ڪامياب ڪارروائيون ڪري مختلف برانڊز جون پرڏيهي سگريٽن سميت 69.7 ملين رپين جو سامان ھٿ ڪري ورتو آھي، جڏهن ته سنڌ ۾ سگريٽن ۽ ٻين شين جي اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ ڪسٽم انٽيليجنس اسٽاف جون سڄي سنڌ ۾ ڪارروائيون جاري آهن،

چيئرمين ايف بي آر سيد عاصم احمد ۽ ڊي جي ڪسٽم انٽيليجنس فيض احمد چڍهڙ ڪاررواين کي ساراهيو آهي. ڪسٽم انٽيليجنس عملدارن جو چوڻ هو ته انساني وسيلن ۽ لاجسٽڪ جي کوٽ باوجود ڪسٽم انٽيليجنس عملو پنهنجا فرض ايمانداري سان سرانجام ڏئي سڄي سنڌ ۾ گذريل هڪ هفتي دوران ڪسٽم انٽيلي جنس عملو 303 ملين جي ماليت جا 8149700 پرڏيهي سگريٽ ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو آھي.

جُون 18, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو