سکر/خيرپور: شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي شاگردن جي وي سي سان ملاقات

Spread the love

سکر/خيرپور (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ)شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي فزڪس ۽ اليڪٽرونڪس شعبي ۾ پڙھندڙ ۽ ڊرون ايئر ايمبولينس ايجاد ڪندڙ شاگردن آصف علي رند، سميہ ڀٽو ۽ تحفتہ النساءَ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو ڊرون ايئر ايمبولينس ايجاد ڪرڻ تي شاگردن جي تخليقي ڪم کي ساراهيو. هن چيو ته يونيورسٽين جو اولين فرض آهي ته هو عوام جي ڀرپور خدمت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ايئر ايمبولينس جي ايجاد اسان جي شاگردن جو هڪ واضح مثال آهي جيڪو عوامي خدمت لاءِ تحقيق ۽ جدت ۾ حصو وٺي رهيا آهن. هن چيو ته تحقيق جا ٽي ستون آهن جن ۾ ليب، پائلٽ پراجيڪٽ ۽ صنعتي شعبو شامل آهن.

هن شاگردن کي صلاح ڏني ته اهي ٽيڪنالاجي کي جديد لاڙن تي اپگريڊ ڪن. ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو فزڪس ۽ اليڪٽرونڪس شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر فرمان علي منگي ۽ شعبي جي استادن کي شاگردن جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. پروفيسر ڊاڪٽر فرمان علي منگي ڊرون ايئر ايمبولنيس بابت بريفنگ ڏيندي وائيس چانسلر کي ڄاڻ ڏني تہ ڊرون ايئر ايمبولينس ٻوڏ متاثرن لاءِ مددگار ثابت ٿيندي.

ٻوڏ جي آفت جي صورت ۾ ڊرون ايئر ايمبولينس ماڻھن جي زندگين ۽  چوپائي مال جي تحفظ ۽ فصلن جي نگراني ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته اوچتو آفتن کي نظر ۾ رکندي شعبي جي شاگردن ڊرون ايئر جو نئون ۽ جديد ماڊل تيار ڪرڻ لاءِ هي تحقيقي ڪم شروع ڪري بھترين طريقي سان مڪمل ڪيو آھي.

ڊاڪٽر فرمان علي منگي چيو تہ ايئر ايمبولينس کي دوائن کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائڻ، ٻوڏ متاثر علائقن جي نگراني، متاثر علائقن جي وڊيوز ۽ فوٽيجز جي رڪارڊنگ، ٻوڏ متاثر علائقن جي نشاندهي، متاثرہ علائقن ۾ فصلن ۽ چوپائي مال جي نگراني ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. ڊاڪٽر فرمان علي منگي سائنس ايڪسپو 2023 جي انعقاد ۾ وائيس چانسلر جي غيرمتزلزل حمايت ۽ رهنمائي کي ساراهيو جنهن جي نتيجي ۾ هي شاندار ايجاد ممڪن ٿي آهي.

ھوڏانھن ريڊيو پاڪستان خيرپور جي سينيئر پروڊيوسرز ڪليم الله شيخ ۽ نذير احمد گلال فزڪس ۽ اليڪٽرونڪس شعبي جي شاگردن جي تخليقي ڪم بابت وائيس چانسلر جا ويچار رڪارڊ ڪيا. پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز، ڊاڪٽر علي رضا لاشاري، زوهيب شفقت ميمڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

جُون 18, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو