سکر: ايوان صنعت و تجارت جو اجلاس ٿي گذريو
سکر (رپوٽ: ماجد منگي ) سکر ايوان صنعت و تجارت جي صدر وقار خان جي هدايت تي سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مون سون جي امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي لوڪل باڊيز اينڊ ڊسٽرڪٽ ڪو آر ڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس سينيئر نائب صدر گرداس واڌواڻي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو،
اجلاس ۾ ملڪ محمد رضوان الحق ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ گذريل سال مون سون جي برساتن ۾ ٿيل نقصان کي نظر ۾ رکندي چيمبر آف ڪامرس سکر ميونسپل ڪارپوريشن پوليس، يوسي جي نمائندن سان گڏيل حڪمت عملي جوڙي وئي،
اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته مون سون جي برساتن دوران ڪنهن به نقصان کان بچڻ لاءِ انتظاميه سان گڏيل طور مامري جي نگراني ڪئي ويندي، ايندڙ عيد الاضحى دوران صفائي جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ سکر ميونسپل کي اپاءَ وٺڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو، سکر جي ڊرينيج اسٽيشنن کي فعال بڻائڻ لاءِ پڻ مطالبو ڪيو ويو.
جُون 18, 2023