سيوھڻ: وپڊا انتظاميا پاران ھڪ ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ۾ اضافو

Spread the love

سيوھڻ شريف (رپوٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ شريف ۾ وپڊا انتظاميه سيوھڻ ھن ڪھر جھڙي گرمي ۾ سيوھڻ شھر ۾ ھڪ ڪلاڪ لوڊشيڊنگ وڌائي ڇڏي سيوھڻ شھر جو عوام سخت پريشان.   تفصيل موجب سيوھڻ شھر جي سڀنن فيڊرن جي بجلي ھرروز جھٽڪا ڏياري بند ڪئي ٿي وڃي ـ

 ھڪ ڪلاڪ وڌيڪ بجلي بند ڪئي پئي وڃي ـ اھو ڪھڙو فالٽ آھي جو 9,45,تي رات جو ھر روز نئون فالٽ ٿو پئي ۽ 10,45,تي وري اھو فالٽ صحيح ٿي وڃي ٿو ـ  اھڙو ڪو فالٽ هجي واپڊا آفيس ۽ گرڊ اسٽيشن سيوهڻ جي بجلي بند هجي پر انهن جي بجلي چالو باقي سيوهڻ شهر جي بجلي بند ؟  سيوھڻ شريف جي باشعور شھرين کي گذارش ٿي ڪجي ت  جلدي ڪا حڪمت عملي جوڙين نـ تـ لوڊشيڊنگ جو سلسلو وڌندو ويندو.

جُون 18, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو