سيوھڻ: سياسي، سماجي ۽ مذھبي ڌرين پاران علامتي بک ھڙتال
سيوهڻ شريف (رپوٽ: محمد صفر سيوهاڻي) سيوھڻ شھر جي سياسي سماجي ۽ مذھبي سڄاڻ ڌرين پاران اڄ پنجين ڏينھن ب اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ جي آفيس جي اڳيان علامتي بک ھڙتال جاري، تفصيل موجب سيوھڻ شھر ۾ گذريل ڪيترن مھينن کان سيوھڻ شھر جي رھواسين کي پھرين پبلڪ ھيلٿ کاتي ۽ ھاڻي ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ طرفان پيئڻ جو صاف پاڻي صحيح نموني ن پھچائي رھيا آھن،
جڏھن ت اڳ ۾ پبلڪ ھيلٿ کاتي کي واٽرسپلاء اسڪيم کي ھلائڻ لاء ڪروڙين روپيه ٽ ماھي جا سنڌ گورنمنٽ طرفان پيسہ ملندا ھئا، ۽ ھاڻي اھي ڪروڙين روپيه رقم ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ کي ملي رھي آھي، ان رقم ملڻ جي باوجود ب ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ جي انتظاميه سيوھڻ شھر جي عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪري ڏيئڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي ويئي آھي،
سيوھڻ ميونسپل ڪاميٽي جو جيڪو ايڊمنسٽريٽر ڪيتري وقت کان مقرر ٿيل آھي، اھو سيوھڻ جو اسسٽنٽ ڪمشنر پڻ مقرر ٿيل آھي، جڏھن ت روينيو جا آفيسر جيڪي تعلقي جا مالڪ سڏبا ھئا اھي ھاڻي سيوھڻ شھر جي رھواسين کي ب پيئڻ جو پاڻي ب صحيح نموني ن پھچائي رھيا آھن،
ان جي ڪري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي پنھنجي چونڊ تڪ سيوھڻ جي عوام کي گذريل ڪيترن مھينن کان صاف پيئڻ جي پاڻي کان محروم ڪري ڇڏيو آھي سيوھڻ جي عوام صاف پيئڻ جي پاڻي جي حاصلات لاء سيوھڻ جي اڃايل عوام روڊن تي نڪري پئي،
سيوھڻ تعلقي جي وڏي ۾ وڏي آفيسر اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ جي آفيس آڏو علامتي بک ھڙتال پنجين ڏينھن ب ڪيمپ قائم ڪري علامتي بک ھڙتال تي ويٺل نظر اچي رھيا آھن، جڏھن ت گذريل چئن ڏينھن کان سيوھڻ شھر جا سماجي سياسي ماڻھون علامتي بک ھڙتال ويٺا رھيا پر ڪوب ھن تڪ جو چونڊيل نمائندو لڙي ن آيو،
ن وري ڪو ضلع ڄامشورو جو ڊپٽي ڪمشنر لڙي آيو، نھايت افسوس سان چوڻو پوي ٿو ت سيوھڻ شھر جا رھواسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي چونڊ تڪ جي وڏي ۾ وڏي شھر سيوھڻ جا رھواسي پيئڻ جي پاڻي لاء گذريل پنجن ڏينھن کان علامتي بک ھڙتال ڪيو ويٺا آھن، ۽ ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ جي انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل نظر اچي رھي آھي،
جڏھن ت علامتي بک ھڙتال تي ويٺلن عوام حڪومت سنڌ، ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ جي انتظاميه کان سيوھڻ شھر کي صاف پاڻي مھيا ڪري ڏيئڻ جي گھر پڻ ڪئي آھي ،۽ علامتي بک ھڙتال ڪندڙ پاران پاڻي پھچائڻ بابت نعرا پڻ ھڻندا رھيا.
جُون 18, 2023