سيوهڻ: يوٿ فورم طرفان کيرٿر ، بڊو ڀڳوٽوڙھو جبلن جي ڪٽائي خلاف احتجاجي مظاهرو
سيوهڻ شريف (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي )سيوهڻ يوٿ فورم طرفان سيوهڻ تعلقي اندر کيرٿر جبل، بڊو جبل،ڀڳوٽوڙھو جبل جي ڪٽائي خلاف سيوهڻ لائبرري کان سنڌ پريس ڪلب سيوهڻ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ سيوھڻ جي جبلن جي ڪٽائي خلاف سخت نعريبازي ڪئي،
ان موقعي تي سيوهڻ يوٿ فورم جي اڳواڻن دانش سولنگي،آڪاش ملاح ۽ جساف شاگرد اڳوڻن عبدالطيف ٻگهيو، سعود نوحاڻي سياف اڳوڻ آزد منصور چنا، سجاد ڏيٿو اسلم باغي جسقم اڳوڻ محبوب اوٺو ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ اياز علي عمراڻي ۽ ٻين اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته کيرٿر جبل،بڊو جبل ۽ ڀڳو ٽوڙھو جبل اسان جا قومي سرمايو آھن
کيرٿر جبل جي ڪٽائي جي ڪري سندس سونهن ختم ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته کيرٿر جبل جي ڪٽائي ان جي بيحرمتي سمجهون ٿا، هنن چيو ت کيرٿر جبل سان هٿ چراند ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، هنن وڌيڪ چيو ته کيرٿر جبل جي بچاء لاءِ سنڌ جي قومي شعور رکندڙ ماڻهن کي اپيل ڪيون ٿا
ته هو کيرٿر جبل جي ڪٽائي خلاف سندن جي آواز ۾ شامل ٿين، هنن چيو ته کيرٿر جبل سنڌ جي سونهن ۽ سنڌ جو تاج آهي کيرٿر جبل جي ڪٽائي ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي، کيرٿر جي ڪٽائي بند ڪئي وڃي، ۽ سيوهڻ جي چونڊيل نمائندن جي آشيرواد سان کيرٿر جبل کي مسمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا فورن بند ڪئي وڃي، ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
جُون 18, 2023