روهڙي:  پوليس  ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ،  خطرناڪ ڌاڙيل کي مارڻ جي دعويٰ 

Spread the love

روهڙي (رپورٽ: علي خان چنجڻ )  روهڙي ٿاڻي جي حد جاڙي مان ڀرسان پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾  علائقي ۾ خوف  بدنام ۽ خطرناڪ ڌاڙيل پنھل جاگيراڻي کي مارڻ جي دعويٰ  جڏهن ته 3 ساٿي ڌاڙيل فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

 روهڙي پوليس کي 30 کان وڌيڪ سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو تفصيل موجب روهڙي ٿاڻي جي حد   ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات روهڙي ٿاڻي جي  ويجهو پوليس پارٽي ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مبينا مقابلو، بدنام خطرناڪ ڏوهاري مارجي ويو. علائقي ۾ خوف جي علامت سمجھي ويندڙ ڌاڙيل پنھل جاگيراڻي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مارجي وڃڻ جي دعويٰ ڪئي آهي،

پوليس موجب ڌاڙيلن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مارجي ويل ڦورو جا 3 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او روهڙي ياسر کوسو ٻڌايو ته پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري 30 کان وڌيڪ سنگين ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو، جنهن ۾ هاءِ وي تي ڦر، اغوا، ڀنگ، ڦر، قتل، جي ڪوشش، پوليس مقابلن، ڪلاشنڪوف ۽ روڪ رقم شامل آهي. مارجي ويل ڌاڙيل جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن،

جڏهن ته مارجي ويل ڏوهاري جي ٻين ضلعن مان رڪارڊ بابت وڌيڪ معلومات ورتي پئي وڃي، مارجي ويل ڏوهاري جي مفرور ساٿين کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو،   هوڏان وارسين ٻڌايو الله ودايو جاگيراڻي  پنھل کي گرفتار ڪري کلاڪو کڻي ويا آهن  ۽اڄ هڪ ڄڻو جعلي پوليس مقابلي ۾ ماري ڇڏيو آهي ۽ ٻيو لاپتا آهي ۽ اسان رات کان تعلقي اسپتال روهڙي ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ لاءِ پهتا آهيون پر لاش هٿ نه ڏئي رهيا آهن.

جُون 18, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو