روهڙي: علي واهڻ انب واسي پاران خودڪشي جي ڪوشش
روهڙي (رپوٽ: علي خان چنجڻ)روهڙي جي علائقي علي واهڻ انب ڳوٺ جي رهواسي حبدار جسڪاڻي ڏيڍ مهيني کانپوءِ ھڪ دفعو ٻيهر خودڪشي جي ڪوشش نوجوان لينسڊائون پل تان سنڌو درياھ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو نوجوان کي ٻڏندي ڏسي نيوي جي ريسڪيو ٽيم بروقت ڪارروائي ڪري نوجوان کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو ۽ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو،
ياد رهي ته حبدار جسڪاڻي ڏيڍ مهينو اڳ بي لينسڊائون پل تان درياھ ۾ ٽپو ڏنو هو جنھن کي نيوي جي جوانن بروقت ڪاروائي ڪرائي بچائي ورتو ھو ۽ پوليس حوالي ڪيو، بعد ۾ کيس جيل موڪليو ويو ۽ هو ٽي ڏينهن اڳ جيل مان واپس آيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، ٻئي طرف سندس ماءُ ۽ ڀاءُ صحافين کي ٻڌايو ته سندس ذهني توازن ٺيڪ ناھي جنهن ڪري هو اهڙيون حرڪتون ڪري رهيو هو.
جُون 18, 2023