دادو : مقتول اعجاز چانڊيو جي وارثن پاران احتجاجي مظاهرو

Spread the love

دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) گوزو پوليس ٿاڻي جي حد ۾ مهينو اڳ قتل ٿيل اعجاز چانڊيو جي وارثن مقتول جي بيواه نويدان چانڊيو، منٺار چانڊيو، عبدالغفور چانڊيو ۽ قائم خاتون دادو  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري جوابدارن غلام مصطفي چانڊيو، طالب، رمضان ، غفار، عمران عرف ببلو ۽ غوث بخش چانڊيو جي گرفتاري جي گهر ڪئي،

 هنن الزام لڳايو ته جوابدار قتل ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن دانهيو ته سندن نوجوان کي قتل ڪندڙ جوابدارن مان هڪ به گرفتار ناهي ٿيو، جڏهن ته ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ جوابدار ڌر هڪ شخص ۽ هڪ عورت کي فائر سان زخمي ڪرڻ جو ڊرامو ڪري مٿن بي سيڪشن ٿاڻي ميهڙ تي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرائي وئي آهي،

هنن آء جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو کان مقتول اعجاز چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي فوري گرفتاري ۽ تحفظ جي گهر ڪندي مٿن داخل ڪوڙي ايف آئي آر ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي،

جُون 18, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو