دادو: بي سيڪشن پوليس جي ڪارروائي، اشتهاري جوابدار گرفتار
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) آئي جي سنڌ ۽ ايس ايس پي دادو جي سخت ھدايتن تي دادو بي سيڪشن پوليس پاران ڏوھاري مفرور اشتهاري جوابدارن خلاف سخت آپريشن جاري ھڪ ڄڻو گرفتار،
ايس ايڇ او بي سيڪشن مشتاق احمد عالماڻي گشت دوران پير ڳڻيو جي رھواسي اشتهاري ملزم نادر ولد علي گل قمبراڻي کي گرفتار ڪري ورتو پوليس ٻڌايو ته گرفتار جوابدار مٿان اڳ ڪافي ڪيس داخل آھن،
وڌيڪ ڪاروائي ۽ جاچ لاءِ جوابدار کي اي سيڪشن ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو آهي،
جُون 18, 2023