حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو وظيفو وڌائي ڇڏيو
اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن شازيه مري چيو آهي ته حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وظيفي ۾ 25 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي.
هڪ بيان ۾ شازيه مري چيو آهي ته مالي سال 23-2022 جي چوٿين ٽه ماهي قسط لاءِ 9000 رپين جي ورهاست سڀاڻي (سومر) کان شروع ٿيندي.
هن چيو ته هي وظيفو 90 لک مستحقن کي جاري ڪيو ويندو، عوام جي سهولت لاءِ هي وظيفو سڄي ملڪ ۾ قائم ڪيل 1559 خاص مرڪزن تان ادا ڪيو پيو وڃي.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته مستحق 9000 رپين جي مڪمل رقم حاصل ڪن ۽ رسيد وٺڻ نه وسارين، ان سان گڏ تعليمي اسڪالر شپ جي جنوري کان مارچ جي قسط به جاري ڪئي وئي آهي.
شازيه مري وڌيڪ چيو ته جن ٻارن جي حاضري 70 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي انهن جون مائرون هي وظيفو ضرور وٺن، ڪنهن به شڪايت جي اطلاع لاءِ هيلپ لائن 080026477 تي رابطو ڪيو وڃي.
