جناح هائوس تي حملو، قومي ٽيم جي رانديگرياڻي گرفتار
لاهور: (ويب ڊيسڪ) قومي فٽبال ٽيم جي گول ڪيپر شمائلا ستار به 9 مئي تي جناح هائوس تي حملي ۾ ملوث هئي، پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو.
ذريعن موجب جناح هائوس ٻاهران ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث شمائله ستار کي انويسٽيگيشن پوليس لاهور مان گرفتار ڪيو آهي.
قومي فٽبالر شمائلا ستار جي گرفتاري لاءِ سندس گهر تي ڇاپو هنيو ويو. پوليس ذريعن موجب واقعي جي جناح هائوس ٻاهران لڳل ڪيمرائن ۽ موبائل فوٽيجز مان جاچ ڪئي پئي وڃي.
