بابر اعظم ۽ رضوان حج ڪرڻ لاءِ سعودي عرب پهچي ويا

Spread the love

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابراعظم ۽ وڪيٽ ڳيپر بيٽر محمد رضوان حج ڪرڻ لاءِ سعودي عرب پهچي ويا.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪپتان بابر اعظم ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان کي مسجد نبوي صه آڏو ڏسي سگھجي ٿو، ٻنهي ڪرڪيٽرن پنهنجي عرب مداح سان گڏ تصوير ڪڍرائي جيڪا سوشل ميڊيا تي گھڻي وائرل ٿي رهي آهي.

ڪپتان بابراعظم ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر مقدس فرض جي ادائگي لاءِ پنهنجي پيءُ ۽ زال سان گڏ سعودي عرب ۾ رهيل آهن.

حج جي ادائگي سبب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ٻنهي ڪرڪيٽرن کي لاهور ۾ جاري ٽريننگ ڪيمپ م شرڪت کان ڇوٽ قرار ڏيندي خاص اجازت ڏني هئي.

جُون 18, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو