ٺٽو: درگاھ حضرت امير شاھ جيلاني رحھ لڳ ٿيل غير قانوني اڏاوتون ختم نھ ٿيون

Spread the love

ٺٽو (نظير احمد قريشي) جنگشاھي لڳ قديمي درگاھ حضرت امير شاھ جيلاني رح جي احاطي ڀرسان طاقت جي زور تي ٿيل اڏاوتون ختم ٿي نہ سگھيو، نقصان جو انديشو برقرار، زائرين ۽ خدمتگار سخت پريشان، انتظاميہ کان پاڻمرادو نوٽيس وٺي درگاھ جي احاطي ڀرسان ٿيلاڏاوتون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو اھي، ان سلسلي ۾ جنگشاھي جي رھواسي زميندار عالم جوکيو صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي

 تہ جنگشاھي لڳ قديمي درگاھ حضرت امير شاھ جيلاني رح جي احاطي ڀرسان جنھن زمين تي ھن وقت طاقت جي زور تي بااثر ماڻھن پاران اڏاوتون ڪري پنھنجا ماڻھون ويھاري ڇڏيا اھن، اھا زمين ھن وڪرو ناھي ڪئي، بلڪہ اھا زمين ھن درگاھ جي لاء وقف ڪري ڇڏي آھي، جنھن تي بااثر ماڻھن طاقت جي زور تي اڏاوتون ڪري درگاھ جي خدمتگارن توڙي زائرين کي پريشان ڪري ڇڏيو اھي،

 جنھن عمل جي جيتري بہ مذمت ڪجي اھا گھٽ اھي، عالم جوکيو چيو تہ جنھن ڪمپني سان اسان اھي ڪوھستاني زمينون وڪرو ڪيون آھن، اھي اسانجون ذاتي ملڪيتون آھن، پر جنھن زمين جي ٽڪري تي اڏاوتون ڪيون ويون آھن، اھا زمين مون وڪرو ناھي ڪئي، جنھن تي مبينا طور قبضو ڪري طاقت جي زور تي اڏاوتون ڪيون ويون آھن، جنھن اڏاوتن سان درگاھ جي زائرين سميت پانڌيئڙن کي سخت مشڪلاتون پيش اينديون، ڇاڪان جو درگاھ جي پيئڻ جي پاڻي جي ٽانڪي بہ ٿيل اڏاتن ڀرسان اھي،

جتان زائرين جي عورتن سميت اسپاس جي ڳوٺن جون عورتون بہ پيئڻ جو پاڻي اتان ڀرين ٿيون، جنھن ڪري ڌارين ماڻھن جي اتي موجودگي کين سخت مشڪلاتن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي، عالم جوکيو چيو تہ ھن اھڙي عمل کان بااثر ماڻھن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي تہ کيس پڻ پوليس معرفت پريشان ڪيو پيو وڃي.

 ھن وزير اعلي سنڌ، چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ، آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٺٽو، ڊي سي ٺٽو سميت روينيو کاتي جي عملدارن کان گھر ڪئي تہ درگاھ امير شاھ جيلاني جي احاطي ڀرسان درگاھ لاء مختص ٿيل زمين تي ٿيل غيرقانوني اڏاوتون ختم ڪري درگاھ جي خدمتگارن، زائرين سميت پانڌيئڙن کي پريشاني کان بچائي درگاھ جي زمين کي محفوّط بڻايو وڃي.

جُون 17, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو