نوشھروفيروز: ڊاڪٽر مشتاق علي مهيسر جي مان ۾ الوداعي پارٽي منعقد ڪئي وئي  

Spread the love

نوشھروفيروز (ڊر) پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سنڌ سول اسپتال نوشھروفيروز پاران مقامي هوٽل ۾ ڊسٽرڪٽ پوليس سرجن ڊاڪٽر مشتاق علي مهيسر جي مان ۾ الوداعي پارٽيء جو اهتمام ڪيو ويو جنهن جي صدارت PMA سنڌ جي اڳواڻ ڊاڪٽر خادم علي مڱريو ڪئي

 جڏهن ته مهمان خاص ڊاڪٽر محمد يوسف نول هو ان موقعي تي سول اسپتال جي ڊاڪٽرن توڙي ليڊي ڊاڪٽرز سميت پيراميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

 ان موقعي تي اڳواڻن ڊاڪٽر بدرالدين ابڙو ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ سهتو ڊاڪٽر شھناز جاويد، ڊاڪٽر رحمت الله سومرو ڊاڪٽر محمد صفر چنه، صغريٰ ڏيپر، ڊاڪٽر شبانه چنه ڊاڪٽر امبر عباسي،ڊاڪٽر نور حسين مورو، اعجاز ممنائي، اشرف قريشي لالا موسيٰ خان، هدايت الله سولنگي، حفيظ الله راڄپر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر مشتاق علي مهيسر پن١هنجي سڄي سروس هڪ بهترين آفيسر طور گذاري اهو ئي سبب آھي جو اڄ اسپتال جو عملو کيس دل سان دعائون ڏئي الوداع ڪري رهيو آھي

 ان موقعي تي ڊاڪٽر مشتاق علي مهيسر خطاب ڪندي چيو ته مان سموري سٿ جو شڪرگذار آھيان هن الوداعي بعد اسپتال جون ساروڻيون ساريندو رهندس ڇوته مان 33 سال سروس ۾ ڊاڪٽر خادم علي مڱريو جهڙو برجستو سول سرجن ناهي ڏٺو پاڻ ڌڻيء در شڪرانو ادا ڪندي سندس جون اکيون ڀرجي آيون ان ويل ٿڌڙا ساھ ڀريندي چوڻ لڳو ھن اسپتال جي اسٽاف جي ڏنل عزت نه ٿو وساري سگھان

 هن چيو ته ھيء زندگي جيڪا رب پاڪ جي امانت آهي اھا ڪنهن جي ڪم اچي الله سائينء مون کان جيڪو ۽ جيترو ڪم ورتو اهو ڪري سگھيس منهنجي جڏهن بـه ھن اسپتال کي ضرورت پوندي مان حاضر ھوندس آخر ۾ نه چاهيندي به کيس الوداع ڪيو ويو ۽ ڊاڪٽرز توڙي عملي پاران کيس اجرڪ ۽ گلن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا تقريب جي اختتام  تي سندس مان ۾ مانجھاندي جو اهتمام پڻ ڪيو ويو۔

جُون 17, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو