ميئر ڪراچي جي چونڊ: پيپلزپارٽي کي ھاڻي ڪراچي لاءِ وڏا ۽ دير پا فيصلا ڪرڻا پوندا….

Spread the love

ڪراچي جي ميئرشپ جو منجھيل مسئلو نيٺ ان وقت حل ٿيو، جڏھن گوڙ گمسان جي ماحول ۾ ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ ميئر جي چونڊ ٿي گذري، ان وچ ۾جماعت اسلامي ڪراچي ۽ پيلزپارٽي درميان سياسي ٽڪراءَ سميت مفاھمت جون ڪوششون ڪيون ويون ھيون، نيٺ گذريل ڏھاڙي ڪراچي جي ميئر شپ لاءِ جماعت اسلامي ۽ پيپلزپارٽي جي اميدوارن ۾ مقابلو ٿيو، جنھن ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوار مرتضيٰ وھاب 173 ووٽ کڻي ميئر ڪراچي جو عھدو ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جڏھن جي ان جي مخالف اميدوار حافظ نعيم الرحمان 160 ووٽ کڻي بئي نمبر تي آيو. اھڙي طرح سان ڪيترن ئي سالن جي وقفي کان پوءِ ڪراچي جي ميئر شپ پيپلزپارٽي جي حصي ۾ آئي آھي. ڪراچي جي ميئر جي حوالي سان اھڙي حقيقت کان انڪار نھ ٿو ڪري سگھجي تھ بلدياتي چونڊن ۾ ڪراچي جي ميئر جي چونڊ واري ڊوڙ ۾جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان ۽ پيپلزپارٽي ان ڪري سوڀاريون ٿيون آھن، جو متحدھ جي سمورن ڌڙن پاران بلدياتي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، ڇاڪاڻ تھ ماضي ۾ ڪيترن ئي ڏھاڪن دوران ڪراچي جي سياست ايم ڪيو ايم جي چوگرد پئي ڦرندي رھي آھي، پوءِ ڀلي ان جا ڪھڙا بھ سبب ھجن، اھڙي صورتحال ۾ مڪاني چونڊن ۾ ٿيل ڪاميابي تي پيپلزپارٽي ۽ جماعت اسلامي پاران نھ رڳو ھنڀوڇيون ھنيون ويون، پر ميئر شپ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏھن مفاھمت جون ڪوششون ڪيون ويينديون رھيون تھ وري ڪڏھن ايڏي مخالت ڪئي وئي جو ھڪ ٻئي کي مختلف لقبن سان نوازيو ويو، ايتري تائين جو جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان پاران جيڪي بيان جاري ڪيا ويا، انھن مان قومي سياست جي بوءِ بدران لسانيت جي ڌپ اچڻ لڳي. جھڙي طرح سان ايم ڪيو ايم پاران ماضي ۾ حرڪتون ڪيون وينديون رھيون ھيون. پر پوءِ بھ جَس ھجي ڪراچي جي اردو ڳالھائيندڙ آبادي کي جنھن حافظ نعيم الرحمان جي لساني سياست کي رد ڪندي پيپلزپارٽي جي اميدوار مرتضيٰ وھاب کي ووٽ ڏئي ڪراچي جو ميئر ٺاھي ڇڏيو. ڪراچي جي ميئر جي ٿيل چونڊ ۾ پنھنجن ڪرتوتن جي عتاب ھيٺ آيل تحريڪ انصاف جي 31 ميمبرن سميت 32 ميمبر ميئر جي چونڊ واري عمل جو حصو نه بڻجي سگھيا، ايتري تائين جو پي ٽي آءِ جي ميمبر ۽ اڳوڻي سنڌ اسيمبلي جي مخالف ڌُر اڳواڻ فردوس شميم نقوي کي بڪتربند گاڏي ۾ اليڪشن واري ميدان ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ آندو ته ويو پر پوءِ بھ هُن ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو، جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا. ھاڻي جيئن تھ ڪراچي واسين پيپلزپارٽي تي اعتماد جو اظھار ڪندي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر کي سوڀارو ڪيو آھي، ان ڪري ضرورت ان ڳالھھ جي آھي تھ پيپپلزپارٽي کي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جي ويزن تحت ڪراچي جي اھڙي طرح سان خدمت ڪرڻ گھرجي تھ جيئن ايندڙ وقت ۾ بھ ڪراچي واسين جو اعتماد بحال ٿي سگھي. ان ڳالھھ کان بھ انڪار ناھي تھ ماضي ۾ جماعت اسلامي جي ميئر نعمت اللھ خان بھ ڪراچي جي شاندار خدمت ڪئي ھئي، جنھن تي اڄ بھ ڪراچي واسي کيس خراجِ عقيدت پيش ڪن ٿا، ان ڪري اسان ھتي حافظ نعيم الرحمان کي پڻ گذارش ڪنداسين تھ جماعت اسلامي کي لسانيت جي لباسي تحت متنازعھ بڻائڻ بجاءِ سياسي پارٽي طور متعارف ڪرائڻ جون ڪوششون ڪرڻ گھرجن.

جُون 17, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو