فيلڊر جي ناقابل يقين ڪئچ پڪڙڻ تي ڪرڪيٽر ۽ شوقين حيران، ڏسو وڊيو

Spread the love

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) انگلش ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ ۾ بريڊلي ڪيري  ناقابل يقين ڪئچ پڪڙي گرائونڊ ۾ موجود تمشائين ۽ ڪرڪيٽرن کي  حيران ڪري ڇڏيو.

بائونڊري لائين تي ٽپ ڏئي هڪ هٿ سان ڪئچ پڪرڻ تي بيٽر بيني هوويل ۽ ڪميٽيٽر فيلڊنگ ڏسي دنگ رهجي ويا.

شاندار ڪئچ تي ساٿي رانديگرن ۽ اسٽيڊيم ۾ موجود تمشائين تاڙيون وڄائي کيس داد ڏني، ڪرڪيٽ شوقينن ۽ سوشل ميڊيا تي وڊيو ڏسندڙ واهپيدار به بريڊلي جي فيلڊنگ جا ڳڻ ڳائي رهيا آهن.

فيلڊر پاڻ به پنهنجي زبردست ڪوشش تي دنگ رهجي ويو ۽ هڪ پل لاءِ کيس به يقين نه پئي آيو ته هن ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڏيکاريو آهي.

جُون 17, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو