سانگهڙ ۾ پاڪ فوج جي حق ۾چيمبر آف ڪامرس پاران ريلي ڪڍي وئي
سانگهڙ (رپورٽ: شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ۾ پاڪ فوج جي حق چيمبر آف ڪامرس پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، پاڪ فوج جي قربانين کي وساري نه ٿو سگهجي پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي، حاجي يامين قريشي، سانحي 9 مئي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،
خبر موجب: سانگهڙ ۾ چيمبر آف ڪامرس پاران پاڪ فوج جي حق ۾ ريلي ڪڍي وئي ريلي جي اڳواڻي چيمبر آف ڪامرس جي سينيئر نائب صدر حاجي يامين قريشي ڪئي، ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪائي پاڪ فوج ۽ پاڪستان زنده آباد جا نعرا هنيا، ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي چيمبر آف ڪامرس جي سينيئر نائب صدر حاجي يامين قريشي چيو ته پاڪ فوج امن ۽ سلامتي جو سرٽيفڪيٽ آهي پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي،
9 مئي سانحي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا 9 مئي سانحي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن ته ان موقعي تي احتجاج ۾ شريڪ ٻين اڳواڻن رئيس احمد گڊو، شفيق احمد آرائين، فوجي يامين يوسفزئي، نعيم پٺاڻ ۽ طارق جٽ سميت ٻين به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
جُون 17, 2023