دنيا جي امير ترين اداڪارن جي فهرست
ورلڊ آف اسٽيٽسٽڪس طرفان دنيا جي امير ترين اداڪارن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان چوٿين نمبر تي آهي.
جڳ مشهور بالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان دنيا جي امير ترين اداڪارن جي فهرست ۾ ٽاپ فائيو ۾ شامل آهي.
ان فهرست ۾ پهرين پوزيشن آمريڪي اداڪار جيري سين فيلڊ جي آهي، جنهن جا اثاثا هڪ بلين ڊالرن کان وڌيڪ آهن، ٻئي نمبر تي ٽيلر پيري ۽ ٽئين نمبر تي ڊوائن جانسن المعروف دي راڪ آهي.
بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جو ان فهرست ۾ چوٿون نمبر آهي، جنهن جا ڪُل اثاثا 770 ملين ڊالر آهن، ٽام ڪروز ۽ جيڪي چن جهڙا اداڪار به ان فهرست ۾ شاهه رخ خان کان پوئتي آهن، انهن جو ترتيب وار پنجون ۽ ڇهون نمبر آهي.
ان فهرست ۾ بالي ووڊ بگ بي اميتاڀ بچن 410 ملين ڊالرن سان 13هين ۽ دبنگ اسٽار سلمان خان 3350 ملين ڊالرن سان 15هين نمبر تي آهي.
