ڪنهن جي پيءَ ۾ دم ناهي ته سنڌين کي ڪراچي اچڻ کان روڪي: شرجيل ميمڻ
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ رهندو، ڪنهن جي پيءَ ۾ دم ناهي ته اسان کي ڪراچي اچڻ کان روڪي. صوبائي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شرجيل ميمڻ چيو مڃان ٿو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم آهي پر ڪراچي ۾ هڙتالون ناهن ٿينديون، ٻوري بند لاش ناهن ملندا، گاڏيون ناهن سڙنديون، ڀتو ناهي ورتو ويندو. هن چيو ته مڪاني چونڊون ٿي رهيون هيون، ايم ڪيو ايم کي ڪنهن چيو هو ته مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو، اسان ايم ڪيو ايم کي نه چيو هو ته بائيڪاٽ ڪيو، هنن پنهنجي مرضي سان بائيڪاٽ ڪيو، توهان چونڊون وڙهو، توهان کي ڪنهن روڪيو آهي؟ سندس چوڻ هو ته مردم شماري تي سڀ کان اڳ وڏي وزير اعتراض ڪيو، سندس ذاتي دلچسپي سان مردم شماري وڌي آهي، اسان جي دوستن کي خبر ئي نه هئي ته مردم شماري ڪيئن ٿي رهي آهي. شرجيل ميمڻ چيو مون سان گڏ هلو، مان توهان کي ڏيکاريان ٿو ته ڪيتريون بسون هلي رهيون آهن، ريڊ لائن به ٺهي رهي آهي، يلو لائن به ٺهي رهي آهي، جيڪي سهولتون ڪراچي لاءِ آهن ڇا سنڌ جي ٻين ضلعن لاءِ آهن؟ ڪراچي لاءِ ميگا پراجيڪيٽ آهن، ٻين ضلعن لاءِ ناهن. صوبائي وزير چيو ته ڪراچي جي خدمت ڪرڻ اسان جو ڪم آهي، ڪنهن تي ٿورو نٿا ڪيون، ڪي فور تي تيزيءَ سان ڪم ٿي رهيو آهي، ان لاءِ پئسا رکيا آهن، دوستن اعتراض ڪيو ته ڪراچي ۾ صحت جون سهولتون ناهن، ڪراچي ۾ سڄي ملڪ جي ڀيٽ ۾ صحت جون ٽاپ سهولتون آهن، ڪراچي ۾ سائبر نائف ذريعي مفت علاج ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اربين رپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي، ڪنهن کان پئسا نه پيا ورتا وڃن، گمبٽ اسپتال ۾ مفت ليور ٽرانسپلانٽ ٿي رهيو آهي، ملير، ملتان ۽ ڪشمير ۾ پ پ کٽي، هيءَ ويجهو آڻڻ واري پارٽي آهي، نفرت جي سياست ڪندڙ پارٽيون ختم ٿي وينديون آهن، اسان چاهيون ٿا ته نفرت جي سياست کي ختم ڪيو وڃي. شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ رهندو، ڪنهن جي پيءَ ۾ دم ناهي ته اسان کي ڪراچي اچڻ کان روڪي، جنهنا هو خواب ڏٺو هو اهو لنڊن ۾ لاڪ ٿي ويو، نه ڳالهائڻ جي ڌمڪي ٿا ڏيو، توهان ڪير ٿيندا آهيو؟ توهان کي مڃي ڪير ٿو؟
جُون 17, 2023