ٺٽو: بجلي جي ٿنڀن مان پٽيون چوري ٿيڻ معمول بڻيل، علائقي واسي پريشان  

Spread the love

ٺٽو(نظير احمد قريشي) جنگشاھي جي ڪوھستاني پٽي ۾ قائم ٿيل ونڊ انرجي ڪمپنيء مان تيار ٿيندڙ بجلي سپلائي ڪندڙ بجلي جي ٿنڀن مان پٽيون چوري ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويو، جنھن ڪري ٿورڙي ھوا لڳڻ ڪري ھڪ ئي وقت 8 پول ڊھي پٽ پئجي ويا،

انگن ڀرسان چرندڙ چوپايو مال ۽ ڌنار معجزاني طور بچي ويا اھن پر انتظاميہ ڪوبہ تحرڪ ناھي ورتو، بجلي جا 8 پول ڪرڻ ڪري بجلي جي سپلاء پڻ معطل بڻيل اھي،

 ھتان جي رھواسين واپڊا توانائي جي وزير، ايس ايس پي ٺٽو سميت سمورن وس وارن کان نوٽيس وٺي مقامي رهواسين توڙي انھن جي چوپائي مال کي امڪاني نقصان کان بچائي چورن خلاف ڪاروائي جي گھر ڪئي آھي.

جُون 17, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو