وزيراعظم ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪيل واعدا پورا ڪري نه ته بجيٽ منظور ٿيڻ نه ڏينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

Spread the love

سوات (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم کي وارننگ ڏيندي چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ پئسو نه مليو ته پ پ بجيٽ منظور ٿيڻ نه ڏيندي.

سوات ۾ خوازا خيلا وٽ جلسي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ۽ سندس معاشي ٽيم تي ٻٽي معيار جو الزام هنيو ۽ چيو ته وزيراعظم پنهنجي ٽيم ۾ شامل انهن ماڻهن کان حساب وٺي، جيڪي واعدا پورا ڪرڻ ۾ رنڊڪ آهن.

هن چيو ته وزيراعظم جي نيت تي شڪ ناهي، هن پاڻ ٻوڏ جي تباهي ڏٺي، هو ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪيل واعدا پورا ڪري، اسان عوام جو خيال رکندا آهيون، جڏهن ته ٻيون جماعتون مخصوص ماڻهن جو خيال رکنديون آهن.

سندس چوڻ هو ته پ پ چونڊن لاءِ تيار آهي، اتحادين کي به چونداسين ته تياري ڪيو، جيئن ڪراچي جي ميئر جي چونڊ کٽي سين، ائين ئي سڄي ملڪ ۾ کٽي ڏيکارينداسين.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 9 مئي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي معاف نه ڪنداسين، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي چاڙهيو ويو، اسان جي جيالن پنهنجو پاڻ کي ساڙي ڇڏيو، 19 سالن جي عمر ۾ چيو هو ته جمهوريت اسان جو انتقام آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته جيڪي ماڻهو سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن، انهن کي اسان جي حوالي ڪرڻو پوندو، اسان کي مجبور نه ڪيو وڃي ته اسان کي آپريشن ڪرڻو پئي، دهشتگردي جو مسئلو اڳ ئي هو پر سياسي دهشتگردي کي به روڪڻو پوندو، سياسي دهشتگردي جو جواب سختي سان ڏيڻو پوندو.

جُون 17, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو