نوشهروفيروز: وائلڊ لائيف کاتي جي ٽيم ماريل واڳون کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو
نوشهروفيروز ( ڊ ر) وائلڊ لائيف کاتي نوشھروفيروز جي ٽيم ريڊ پارٽي شھيد بينظيرآباد جي انچارج اسد علي مري جي حڪم تي ڀرياسٽي پهچي روهڙي ڪئنال جي دالي شاخ مان ڳوٺاڻن هٿان ماريل واڳون کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي۔
ان موقعي تي وائلڊ لائيف کاتي جي انچارج اسد علي مري رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته مئل واڳون کي ڀرياسٽي جي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد دفنايو ويندو جڏهن ته تفتيش ڪرڻ کان پوء غير قانوني طور واڳون کي ماريندڙ ماڻهن خلاف وائلڊ لائيف جي قانون تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو.
هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪنهن به جانور يا جنگلي جيوت کي مارڻ بجاء وائلڊ لائيف کاتي کي فوري طور اطلاع ڪن ته جيئن ان جي زندگي محفوظ بڻائي سگهجي جانورن ۽ پکين جي حفاظت ڪرڻ اسان جي فرض ۾ شامل آھي۔
ياد رهي ته گذريل رات ڀرياسٽي ڀرسان روهڙي ڪئنال جي دالي شاخ کان ٻاهر خشڪي تي ايندڙ واڳون کي ڳوٺاڻن لٺيون هڻي ماري ڇڏيو هو۔ جڏهن ته شمس الدين کوسو۔ بهادر خاصخيلي۔ لياقت وڳڻ۔ پرويز ڀرٽ۔ صدرالدين خشڪ ريڊ پارٽي ٽيم ۾ شامل هئا۔
جُون 17, 2023